Share this link via
Personality Websites!
480112
9548
فَبَدَّلَ الَّذِیْنَ ظَلَمُوْا قَوْلًا غَیْرَ الَّذِیْ قِیْلَ لَهُمْ (سيپارو: 1، البقرة:59)
ترجمو ڪنزُ العرفان: پوءِ انهن ظالمن جيڪو انهن کي چيو ويو هو ان کي هڪ ٻي ڳالھ سان بدلائي ڇڏيو.
انهن کي حڪم ته ٿيو هو: * سجدو ڪري ڳوٺ ۾ داخل ٿيڻو آهي، مٿو جهڪائڻ بدران سُرين ڀر گِهلجندا بستيءَ اندر داخل ٿيا * ٻئي نمبر تي چوڻو هو: حِطَّۃٌ اي الله! گناهه بخشي ڇڏ انهن ڇا چيو: حَبَّةٌ فِيْ شَعْرَةٍ، حَبَّةٌ فِيْ شَعْرَةٍ يعني وار ۾ داڻو، وار ۾ داڻو. ([1])
مطلب ته: جيڪو حڪم انهن کي ڏنو ويو هو، انهن اهو بدلائي ڇڏيو. پوءِ ان جي انهن کي سزا ملي، الله پاڪ فرمائي ٿو:
فَاَنْزَلْنَا عَلَى الَّذِیْنَ ظَلَمُوْا رِجْزًا مِّنَ السَّمَآءِ بِمَا كَانُوْا یَفْسُقُوْنَ۠(۵۹) (سيپارو: 1، البقرة:59)
ترجمو ڪنزُ العرفان: پوءِ اسان آسمان مان انهن ظالمن تي عذاب نازل ڪيو ڇو ته اهي نافرماني ڪندا هئا.
روايتن ۾ آهي: ان وقت بني اسرائيل تي طاعون جو عذاب آيو، اوچتو انهن ۾ طاعون جي وبا پکڙجي وئي ۽ ڪجهه ئي دير ۾ 70 هزار اسرائيلي موت جو شڪار ٿي ويا. ([2])
پيارا اسلامي ڀائرو! هي تاريخ جو سڀ کان پهريون طاعون هو، جيڪو بني اسرائيل جي نافرماني جي سبب بطور عذاب انهن تي نازل ٿيو. حديثِ
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami