Share this link via
Personality Websites!
480125
9548
هڪ تمام اهم حديثِ پاڪ ٻڌندا! هي حديث شريف دل ۾ ويهارڻ گهرجي، بخاري شريف جي حديث آهي، پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: اَلْحَلَالُ بَیِّن حلال واضح آهي، وَالْحَرَامُ بَیِّن حرام به واضح آهي(يعني حلال ۽ حرام جا احڪام شريعت کولي بيان ڪري ڇڏيا آهن) وَبَیْنَہُمَااُمُوْرٌ مُّشَبَّہَاتٌ انهن ٻنهي جي وچ ۾ شبھي وارا امور آهن، جن کي اڪثر ماڻهو نٿا ڄاڻن. بس جيڪو شبھن کان بچي ويو، ان پنهنجو دين بچائي ورتو ۽ جيڪو شبھن ۾ پئجي ويو، اهو حرام ۾ پئجي ويندو.
پاڻ ڪريم صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اِها ڳالهه هڪ مثال ذريعي سمجهائي، فرمايائون: ان جو مثال هڪ ڌنار ۽ چراگاهه جھڙو آهي (جهڙيءَ طرح اسان وٽ ٻنيون هونديون آهن، جن جي وچ ۾ عام طور تي ديوارون ناهن هونديون، ننڍڙي حد ٺهيل هوندي آهي ۽ تمام ٻنيون پاڻ ۾ مليل هونديون آهن، هاڻي جيڪڏهن ڪو شخص پنهنجون ٻڪريون پنهنجي ئي پوک ۾ چاري رهيو هجي ۽ ڪا ٻڪري ان ٻنيءَ واري وچين حد جي ويجهو وڃي پهچي، پر ڌنار پوءِ به ان کي نه هٽائي، ته ٻڪري ته آخر بي عقل جانور آهي، ڪهڙي خبر ڪڏهن ٻئي جي ٻنيءَ ۾ هلي وڃي! ۽ جيستائين ڌنار پهچي، تيستائين ڪافي نقصان ڪري چڪي هوندي). فرمايائون: بلڪل اهڙيءَ ريت هر حڪمران (بادشاهه) جون ڪجهه حدون هونديون آهن، ۽ الله پاڪ جون حدون اُن جون حرام ڪيل شيون آهن . ([1])
ڪيڏو خوبصورت مثال سان ڳالهه واضح ڪئي وئي آهي. هي حديثِ پاڪ پنهنجي ذهن ۾ رکو ۽ پنهنجو پڪو ذهن بڻايو ته اسان کي شريعت تي
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami