Share this link via
Personality Websites!
480123
9548
ان کي وقت گذاري پڙهندي هئي. ([1])
الله! الله! پيارا اسلامي ڀائرو! هي آهي وقت گذاري نماز پڙهڻ جو وبال...!! الله پاڪ اسان کي پنج ئي نمازون وقت جي اندر ئي بلڪه باجماعت مسجد ۾ تڪبيرِ اوليٰ سان پڙهڻ جي توفيق عطا فرمائي.
اٰمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم.
پيارا اسلامي ڀائرو! اوراد و وظائف جيڪي هوندا آهن، حديثن ۾ لکيل جيڪي دعائون آهن، انهن ۾ به پنهنجي طرفان تبديلي نه ڪرڻ گهرجي! دلائل الخيرات شريف جيڪو درودِ پاڪ جو تمام مشهور ڪتاب آهي، ان ۾ هڪ درودِ پاڪ لکيل آهي، جنهن کي 14 ڀيرا پڙهڻو هوندو آهي. هڪ دفعو شاهه عبد الحق الٰه آبادي کان انهن جي شاگرد پڇيو: سائين! هن درودِ پاڪ کي اسان 15 ڀيرا ڇو نه پڙهون، 14 ڀيرا ئي ڇو پڙهڻو آهي؟ فرمايائون: جيڪو تالو 4 ڏندن واري چابيءَ سان کلندو آهي، اهو 5 ڏندن واري چابيءَ سان نه کلندو، اسان هي درود شريف 15 ڀيرا پڙهون ته به ثواب جو ڪم آهي پر اهو دروازو جيڪو هن درود جي برڪت سان کلندو آهي، اهو تڏهن ئي کلندو جڏهن 14 ڀيرا پڙهنداسين. ([2])
اهو به هڪ نڪتو آهي، اسان پنهنجي مرضيءَ سان گھٽ وڌ ڪري وٺون ۽ سمجهون ته ان ۾ ثواب وڌيڪ آهي پر شريعت جي حڪمت اسان جي ننڍي عقل کان تمام مٿانهين آهي، ان ڪري جيڪو چيو ويو، جيتري قدر چيو ويو، جيئن چيو ويو، اهو، اوترو ئي ۽ ائين ئي ڪندا ڪريون.
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami