Share this link via
Personality Websites!
480122
9548
ان جي وقت جي اندر ئي پڙهڻ ڪيترو ضروري آهي. حالتِ جنگ ۾ به ظهر ۽ عصر يا مغرب ۽ عشاء گڏائي پڙهڻ جي اجازت نه ڏني وئي.
نماز جو وقت گذاري پڙهڻ جو وبال
الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ فرمائي ٿو:
اِنَّ الصَّلٰوةَ كَانَتْ عَلَى الْمُؤْمِنِیْنَ كِتٰبًا مَّوْقُوْتًا(۱۰۳) (سيپارو: 16، مريم: 59)
ترجمو ڪنزُ العرفان: پوءِ انهن جي پٺيان انهن جي جاءِ تي اهي نالائق ماڻهو آيا جن نمازون ضايع ڪيون.
صحابيِءِ رسول حضرت عبد الله بن مسعود رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ هن آيت جي تفسير ۾ فرمائن ٿا: ان جو اهو مطلب ناهي ته اهي ماڻهو بنيادي طور تي نماز پڙهندا ئي نه هئا بلڪه مطلب اهو آهي ته اهي ماڻهو نماز جو وقت گذاري پڙهندا هئا. ([1])
امام اِبنِ اِبِي دُنيا لکن ٿا: هڪ صاحب هئا، انهن جي ڀيڻ جي وفات ٿي وئي جڏهن اهي ان کي دفنائڻ لڳا ته انهن جي ڳوٿري جنهن ۾ ڪجهه سرمايو جمع هو قبر ۾ ڪِري پئي، دفنائي موٽڻ تائين اهي ان کان بي خبر رهيا، جڏهن دفنائي واپس موٽيا ته کين ياد آيو، اهي سندس قبر تي آيا ۽ ماڻهن جي هليو وڃڻ کان پوءِ ان کي کوٽڻ لڳا، انهن قبر ۾ ڀڙڪندڙ باهه ڏٺي ته مٽي وجهي روئندي پنهنجي والده وٽ حاضر ٿيا ۽ چيائون: امڙ! مون کي منهنجي ڀيڻ بابت ٻڌايو ته اها ڪهڙو عمل ڪندي هئي؟ والده چيو: تون ان بابت ڇا ڄاڻڻ چاهين ٿو؟ انهن چيو: امڙ مون ان جي قبر ۾ باهه ڏٺي آهي. اهو ٻڌي هن روئندي چيو: پٽ! تنهنجي ڀيڻ نماز ۾ سستي ڪندي هئي ۽
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami