Share this link via
Personality Websites!
480121
9548
* الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ فرمايو آهي:
اِنَّ الصَّلٰوةَ كَانَتْ عَلَى الْمُؤْمِنِیْنَ كِتٰبًا مَّوْقُوْتًا(۱۰۳) (سيپارو: 5، النسآء: 103)
ترجمو ڪنزُ العرفان: بيشڪ نماز مسلمانن تي مقرر ڪيل وقت ۾ فرض آهي.
شريعت نمازن جا وقت مقرر ڪيا، هر هر نماز جو الڳ الڳ وقت ۽ حساب ٻڌايو، ڪجھ ماڻهو ڇا ڪندا آهن؟ 2، 2 نمازون گڏائي پڙهندا آهن، ظهر جي نماز ڄاڻي واڻي ڇڏي ڏني، چلو عصر ۽ ظهر گڏ پڙهنداسين، مغرب ڄاڻي واڻي ڇڏي ڏني ته عشاءَ سان گڏ پڙهنداسين، پوءِ ائين به ناهي ته ظُهر ڇو ته ان جي وقت تي ناهي پڙهي وئي ته لهٰذا ان کي قضا ڪري پڙهن...!! نه، نه...!! ادا جي ئي نيت سان پڙهندا آهن.
هڪ دفعو جنگ جو موقعو هو، غير مسلمن پاڻ ۾ سازش ڪئي ته عصر جو وقت ٿيڻ وارو آهي، مسلمانن کي نماز تمام پياري آهي، اهي نماز پڙهندا، ان وقت اسان انهن تي حملو ڪنداسين. هي انهن سازش ڪئي، ٻئي طرف الله پاڪ حضرت جبرائيل امين عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم کي موڪليو، پنجين سيپاري جون آيتون نازل ٿيون، ان ۾ الله پاڪ نمازِ خوف جو پورو طريقو ٻڌايو ته جڏهن اهڙو معاملو اچي وڃي، ان وقت 2 گروهن ۾ ورهائجي وڃو! هڪ گروهه جماعت ۾ شامل ٿئي، امام سان گڏ هڪ رڪعت پڙهي، ٻيو گروهه دشمن جي مقابلي ۾ رهي، پوءِ پهريون گروهه دشمن جي مقابلي ۾ اچي ۽ ٻيو امام سان گڏ جماعت ۾ شامل ٿئي، ([1]) هي هڪ پورو طريقو آهي جيڪو قرآنِ ڪريم ۾ تفصيل سان ٻڌايو ويو، هتان توهان اندازو لڳايو ته نماز کي
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami