Share this link via
Personality Websites!
480120
9548
مسلمن جي نقشِ قدم تي ماڻهو هلندا آهن، انهن سان محبتن جو اظهار ڪندا آهن، انهن سان دوستيون رکندا آهن. * اَلْحَمْدُ لله! اسان نعتون پڙهڻ وارا، نعتون ٻڌڻ وارا آهيون، قرآن ۽ حديث ۾ نعت خواني جا فضائل بيان ٿيا آهن، وڏا عظيم فضائل آهن پر اڄڪلهه ماڻهن هن نيڪ ڪم ۾ به ملاوٽون شروع ڪري ڏنيون آهن، ميوزڪ، دَف ۽ خبر ناهي ڇا ڇا گڏائي نعت پڙهن ٿا، هاڻي نعت ٻڌڻ ته عبادت آهي پر هي ميوزڪ جيڪو ملايو ويو، اهو گناهه آهي. * علامه ابن جوزي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه لکيو آهي: شيطان پيرن فقيرن بابت به ماڻهن کي دوکو ڏئي ٿو. ([1]) پير فقير، الله وارا، نيڪ ٻانها، اولياءِ ڪرام جا بلند شانَ هوندا آهن ۽ اهي مسجدن ۾ ملندا آهن، عبادتون ڪندي ملندا آهن، نمازون پڙهندا آهن، روزا رکندا آهن، علمِ دين سکندا سکاريندا آهن پر ماڻهن ڪهڙو ذهن بڻائي ورتو؟ جنهن جا وار ڊگها هجن، ڦاٽل ڪپڙا پاتل هجن، چاهي مسجد جي ويجهو کان به نه لنگهندو هجي، نمازن جي وقت ٻٽاڪون هڻندو هجي، نماز ۾ نه پهچندو هجي، ماڻهو ان کي وڏو پهتل سمجهي وٺندا آهن. الله! الله! هي اهي ماڻهو ناهن جو شريعت جن جي ادب ۽ احترام جو حڪم ڏنو آهي، الله وارا ته الله پاڪ جي ياد ۾ مصروف ملندا آهن. * اهڙي طرح شريعت حڪم ڏنو هو: ڏاڙھي وڌايو! ۽ مڇون پست (ننڍيون) ڪريو! ([2]) اسان وٽ ماڻهو طرح طرح سان ڏاڙهي ڪٽرائيندا آهن، ننڍيون ننڍيون اڌ انچ برابر ڏاڙھي رکڻ لڳي ويا، فيشن جو فيشن ٿيو، ڏاڙھي به سڏائي وئي (لَاحَوْلَ وَ لَا قُوَّۃَ اِلَّا بِاللہ)، ڏاڙهي ڪٽائڻ به حرام آهي، هڪ مٺ کان گھٽائڻ به حرام آهي. ([3]) شريعت جيڪو حڪم ڏنو، ان کي پورو پورو مڃيون، ائين ئي مڃيون، جئين حڪم ڏنو ويو آهي.
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami