Share this link via
Personality Websites!
480118
9548
گواهه رهجو مان پنهنجن سڀني گناهن کان توبه ڪريان ٿو. اهو ٻڌي باقي دوستن به توبه ڪئي ۽ اهي 10 جا 10 نوجوان عبادت ۽ رياضت ۾ مصروف ٿي ويا. ([1])
سُبْحٰنَ اللہ! اندازو لڳايو! ولين جي هٿ لڳل شين جي اها برڪت آهي، حضرت بشر حافي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جن ان هنداڻي کي صرف هٿ لاتو هو، نوجوانن ان جو ادب ڪيو ته توبه جي توفيق ملي وئي ته * جتي اهي وليءَ، الله پاڪ جا نيڪ ٻانها پاڻ موجود هجن * جتي انهن جون مزارون هجن، ٻانهو اتي پهچي، انهن جي شهر جي عزت ڪري، انهن سان نسبت رکندڙ شين جي عزت ڪري، ان تي ڪيئن ڪرم نه ٿيندو؟ اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! الله پاڪ جي رحمت ضرور وسندي ۽ دنيا سان گڏو گڏ آخرت به سنورجي ويندي.
الله پاڪ اسان کي نيڪ ماڻهن، نبين، ولين، صحابه ۽ اھلِ بيتِ پاڪ جو ادب ۽ احترام ڪرڻ، انهن جي تبرڪات مان فيض حاصل ڪرڻ جي توفيق نصيب فرمائي.
اٰمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم.
الله پاڪ جا احڪامَ بدلڻ جو عذاب
پيارا اسلامي ڀائرو! الله پاڪ فرمايو:
فَبَدَّلَ الَّذِیْنَ ظَلَمُوْا قَوْلًا غَیْرَ الَّذِیْ قِیْلَ لَهُمْ فَاَنْزَلْنَا عَلَى الَّذِیْنَ ظَلَمُوْا رِجْزًا مِّنَ السَّمَآءِ بِمَا كَانُوْا یَفْسُقُوْنَ۠(۵۹) (سيپارو: 1، البقرة: 59)
ترجمو ڪنزُ العرفان: پوءِ انهن ظالمن جيڪو انهن کي چيو ويو هو ان کي هڪ ٻي ڳالھ سان بدلائي ڇڏيو پوءِ اسان آسمان مان انهن ظالمن تي عذاب نازل ڪيو ڇو ته اهي نافرماني ڪندا هئا.
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami