Share this link via
Personality Websites!
479796
9534
هڪ شخص پريشانين ۾ وڪوڙيل هو، هو پنهنجو ڏک کڻي هڪ نيڪ ٻانهي جي خدمت ۾ حاضر ٿيو ۽ عرض ڪيائين: پريشانيون ئي پريشانيون آهن، جيڪو به ڪم ڪريان ٿو، اهو ابتو ٿي وڃي ٿو، ڇا ڪريان؟ نيڪ ٻانهي پڇيو: پٽ! اسٽيمپ (Stamp يعني مُهر) ڏٺي اٿئي؟ عرض ڪيائين: جي ڏٺي آهي. پڇيائين: ڇا توکي خبر آهي ته اسٽيمپ (مُهر) تي لکت ڪيئن هوندي آهي؟ چيائين: ان تي ابتي لکت هوندي آهي. پڇيائين: ڇا اهو ٻڌائي سگهين ٿو ته اها سِڌي ڪيئن ٿيندي آهي؟ جواب ڏنائين: جڏهن مُهر ڪاغذ تي لڳندي آهي ته اکر سِڌا ٿي ويندا آهن. فرمايائون: جيئن مُهر پنهنجو مٿو (يعني پيشاني) ڪاغذ تي رکندي آهي ته ان جا ابتا لفظ به سِڌا ٿي ويندا آهن، بلڪل ايئن ئي تون به وضو ڪري مسجد وڃ ۽ پنهنجي خالق و مالڪ جي بارگاهه ۾ پيشاني ٽيڪ (يعني سجدو ڪر) اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! تنهنجا به سمورا ابتا ڪم سِڌا ٿي پوندا. ([1])
پيارا اسلامي ڀائرو! غور فرمايو! جيڪڏهن اسين الله پاڪ جي فرمانبرداري اختيار ڪنداسين، گناهه ڇڏي نيڪين طرف اينداسين اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! دنيا به بهتر ٿي ويندي ۽ آخرت به سنورجي ويندي. سيپارو: 14، سورة النحل، آيت: 30 ۾ ارشاد فرمائي ٿو:
لِلَّذِیْنَ اَحْسَنُوْا فِیْ هٰذِهِ الدُّنْیَا حَسَنَةٌؕ-وَ لَدَارُ الْاٰخِرَةِ خَیْرٌؕ-(سيپارو: 14، النحل: 30)
ترجمو ڪنزُ العرفان: جن هن دنيا ۾ ڀلائي ڪئي، انهن لاءِ ڀلائي آهي ۽ بيشڪ آخرت جو گهر سڀ کان بهتر آهي.
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami