Share this link via
Personality Websites!
479794
9534
پيارا اسلامي ڀائرو! هي نهايت نصيحت ڀريو قرآني واقعو آهي، هن مان اسان کي ڪيتريون ئي ڳالهيون سکڻ جي لاءِ ملن ٿيون.
پهريون سبق هي ته ڏسو! بني اسرائيل الله پاڪ جو حڪم نه مڃيو، ان جي سزا ڇا ملي، انهن کي کليل ميدان ۾ قيد ڪيو ويو، اهي حيران ۽ پريشان هيڏانهن هوڏانهن ڦرندا رهيا، سڄو ڏينهن سفر ڪندا هئا پر جتان هليا هئا، اتي جو اتي رهندا هئا.
معلوم ٿيو ته الله پاڪ جي نافرماني ئي حيرت ۽ پريشاني جو سبب آهي. اسان سان ائين ٿيندو آهي، اڪثر تڪليفون ۽ ڳڻتيون انسان کي پنهنجي گهيري ۾ جکڙي وٺنديون آهن * هڪ پريشانيءَ مان نڪتا ته ٻي اچي وئي * پٽ بيمار هو، کيس شفا ملي * هاڻي ڌيءَ بستري تي اچي وئي، ڌيءَ جو علاج ڪرايوسين * ماءُ جي طبيعت خراب ٿي وئي ماءُ جو علاج ڪرايو * پاڻ بيمار ٿي پياسين * ڪاروبار نه پئي هليو * قرض کڻي ويٺاسين، قرض نه لٿو ته ڪاروبار بند ٿي ويو، وڏي جاکوڙ سان ڪم بحال ٿيو * مهانگائيءَ ڪَرُ کنيو، مهانگائي مس ڪنٽرول ٿي هئي ته ڪا نئين آفت سامهون اچي وئي. ڪڏهن ڪڏهن ائين ٿيندو آهي جو ماڻهو پريشانين ۾ ڦاسي ويندو آهي، انهن پريشانين مان نڪرڻ جي تمام گهڻي ڪوشش ڪئي ويندي آهي، انسان هٿ پير هڻندو آهي، پر انهن مان نڪري ئي ناهي سگهندو، ڪنهن چيو هو:
اِکْ اور دریا کا سامنا تھا منیرؔ مجھ کو
میں ایک دریا کے پار اُترا تو میں نے دیکھا
وضاحت: يعني مان اڃا هڪ مصيبت ۽ امتحان جو درياءُ ترِي پار ڪري مس پهتس ته سامهون ٻيو اونهو درياءُ موجود ڏٺم.
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami