Share this link via
Personality Websites!
479792
9534
سبب سزا ۾ قيد ڪيو ويو، پر ان قيد ۽ نظربنديءَ دوران به مٿن ڪهڙيون ڪهڙيون ڪرم نوازيون ٿيون.؟ ٻڌو! الله پاڪ فرمائي ٿو:
وَ ظَلَّلْنَا عَلَیْكُمُ الْغَمَامَ(سيپارو: 1، البقرة: 57)
ترجمو ڪنزُ العرفان: اسان توهان جي مٿان ڪڪرن کي ڇانوَ بڻائي ڇڏيو.
جيئن ته اهو کُليل ميدان هو، اتي ڪا ڇانوَ نه هئي ۽ سج جي اُس سڌي انهن تي پوندي هئي، تنهنڪري مٿن ڪڪرن سان ڇانوَ ڪئي وئي.
وَ اَنْزَلْنَا عَلَیْكُمُ الْمَنَّ وَ السَّلْوٰىؕ- (سيپارو: 1، البقرة: 57)
ترجمو ڪنزُ العرفان: ۽ توهان جي مٿان من ۽ سلويٰ لاٿو.
اتي کائڻ پيئڻ جو ڪو بندوبست نه هو، انهن لاءِ آسمان مان کاڌو لاٿو ويو. اهو کاڌو به ڪهڙو هو؟ مَنّ ۽ سَلويٰ. مَنّ جيڪو آهي اهو تُرنجَبِيۡن (هڪ قِسم جي قدرتي کنڊ) جهڙي مٺي شيءِ هئي جيڪا فجر جي وقت کان سج اڀرڻ تائين ماڪ وانگر وسندي هئي ۽ هر شخص جي حصي ۾ لڳ ڀڳ 4 ڪلو گرام ايندي هئي. ”سَلويٰ“ وري هڪ قسم جو نرم ۽ لذيذ ننڍڙو پکي هو، (جيڪو ڀُڳل انهن وٽ ايندو) هو کائيندا هئا.
انهن سان گڏوگڏ وڌيڪ ڪهڙيون ڪرم نوازيون ٿيون؟ الله پاڪ آسمان مان هڪ نوراني ٿنڀو لاٿو، جيڪو رات جو انهن لاءِ بتيءَ وانگر روشني ڪندو هو، ان چاليهن سالن جي عرصي دوران انهن جا ڪپڙا نه ميرا ٿيندا هئا، نه پراڻا ٿيندا هئا، وار ۽ نَنهن وڌندا نه هئا، ان عرصي ۾ جيڪو ٻار پيدا ٿيندو هو، اهو ڪپڙا پهريل ئي پيدا ٿيندو هو، ۽ جيئن جيئن ٻار جو قد بت وڌندو هو، تيئن تيئن سندس پاتل لباس به پاڻمرادو وڏو ٿيندو ويندو هو. ([1])
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami