Share this link via
Personality Websites!
479791
9534
آزاد ڪرايو! هي حڪم ملندي ئي بني اسرائيل جو هڪ وڏو لشڪر حضرت موسيٰ عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم جي اڳواڻيءَ ۾ شام طرف روانو ٿيو. اصل معاملو هي هو ته اهي ماڻهو دلي طور تي ان ڪم لاءِ تيار نه هئا، بلڪه بي دليءَ سان نڪتا هئا. ([1])
مصر ۽ شام جي وچ ۾ هڪ ميدان آهي، جنهن کي ميدانِ تِيَه چيو ويندو آهي، هي ميدان صرف 6 فرسخ (اٽڪل 27 ڪلوميٽر) ڊگهو ۽ ويڪرو ميدان آهي. جڏهن هي ماڻهو اتي پهتا ته کين خبر پئي ته قومِ عمالقه وڏي طاقتور قوم آهي، بس اتي ئي ضد ڪرڻ لڳا، چوڻ لڳا: اي موسيٰ عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم! اسان ته قومِ عمالقه سان هرگز جنگ نه ڪنداسين.
فَاذْهَبْ اَنْتَ وَ رَبُّكَ فَقَاتِلَاۤ اِنَّا هٰهُنَا قٰعِدُوْنَ(۲۴) (سيپارو: 6، المائده: 24)
ترجمو ڪنزُ العرفان: سو تون ۽ تنهنجو رب ٻئي وڃو ۽ وڙهو، اسان ته هتي ئي ويٺا آهيون.
الله! الله! ڪيڏي نه وڏي بي ادبي جي ڳالھ آهي، ڪهڙي نه بي باڪيءَ سان هي اهڙا لفظ چئي ويٺا...! جڏهن انهن اها بي ادبي ڪئي ته انهن کي سزا ڏني وئي، اها سزا ڇا هئي؟ انهن کي ميدانِ تِيَه ۾ قيد ڪيو ويو.
فقط 27 ڪلوميٽر جو ميدان هو، اهي واپس موٽڻ لاءِ صبح جو هلندا، شام تائين سفر ڪندا، خبر پوندي هئي ته جتان کان هليا هئاسين واپس موٽي اتي ئي اچي ويا آهيون، ايئن انهن ان ميدان مان نڪرڻ جون ڪوششون ڪيون پر ٻاهر نڪري نه سگهيا هو اتي ئي حيران ۽ پريشان ڀٽڪندا رهيا ۽ 40 سالن تائين ان ميدان ۾ ئي قيد رهيا. ([2])
هاڻي الله پاڪ جون ڪرم نوازيون ڏسو! بني اسرائيل ڏوهه ڪيو، الله پاڪ جي ۽ حضرت موسيٰ عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم جي گستاخي ڪئي، انهن کي ان ڏوهه
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami