Share this link via
Personality Websites!
479805
9534
فرض پڙهڻ کان پوءِ ۽ سنتون پڙهڻ کان پهريان ڳالهيون ڪرڻ مڪروهه تنزيهي آهي (يعني گناهه ته ناهي، پر شرعي طور پسنديده به ناهي)، ۽ ائين ڪرڻ سان بعد واريون سنتون ادا به ٿي وينديون آهن ۽ انهن جو ثواب به ملي ٿو، البت ان جي ثواب ۾ گهٽتائي اچي ويندي آهي. مسنون طريقو اهو ئي آهي ته فرض رڪعتون پڙهڻ کان پوءِ ڳالهائڻ کان پاسو ڪجي ۽ بنا دير سنتون پڙهي وٺجن. بهارِ شريعت ۾ لکيل آهي: جن فرضن کان پوءِ سنتون آهن، انهن ۾ فرض ادا ڪرڻ بعد ڪلام نه ڪرڻ گهرجي، جيتوڻيڪ سنتون ادا ته ٿي وينديون پر ثواب گهٽجي ويندو ۽ سنتن ۾ دير ڪرڻ مڪروهه آهي. ([1]) الله پاڪ اسان کي صحيح اسلامي احڪام سکڻ ۽ انهن تي عمل ڪرڻ جي توفيق نصيب فرمائي. اٰمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم.
اُڏوهي (ديمڪ) کان حفاظت (وظيفو)
”لَاۤ اِلٰهَ اِلَّا اللّٰهُ“
41 ڀيرا لَاۤ اِلٰهَ اِلَّا اللّٰهُ پڙهي رکيل سامان، ذخيري يا ڪتابن وغيره تي دم ڪري ڇڏجي ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! اُڏوهي ۽ ٻين جيتن جڻن کان شين جي حفاظت ٿيندي. ([2]) الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق عطا فرمائي.
اٰمِیْنْ بِجَاہِ خاتَمِ النَّبِیّٖن صلَّی اللہُ عَلَیْہ ِوَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami