Share this link via
Personality Websites!
479802
9534
مون کي پنهنجي آقا تي ڀروسو آهي
خليفي هارون رشيد جي دورِ خلافت ۾ ماڻهو ڏاڍي سخت ڏڪار (خشڪ سالي ۽ برسات نه پوڻ) جو شڪار ٿيا، ته خليفي ماڻهن کي درٻارِ الاهيءَ ۾ روئڻ، دعا گهرڻ ۽ اجاين ڳالهين کان پرهيز ڪرڻ جو حڪم ڏنو. انهن ڏينهن ۾ ماڻهن هڪ اهڙو غلام ڏٺو جيڪو ڏاڍو خوش ۽ مطمئن نظر اچي رهيو هو. کيس خليفي هارون رشيد جي درٻار ۾ آندو ويو. خليفي کانئس خوشي ۽ سڪون جو سبب پڇيو ته هن چيو: منهنجي آقا وٽ ڪڻڪ جا وڏا ذخيرا گڏ ٿيل آهن، ۽ مون کي پنهنجي آقا تي پورو ڀروسو آهي ته هو مون کي ان مان ئي کارائيندو، تنهنڪري مون کي ڏڪار جي ڪا پرواهه ناهي. غلام جي اها ڳالهه ٻڌي خليفي چيو: جڏهن هي غلام پاڻ جهڙي هڪ عام انسان تي ڀروسو ڪري ايترو بي فڪر ۽ مطمئن ٿي سگهي ٿو، ته پوءِ اسين هن ڳالهه جا وڌيڪ حقدار آهيون جو الله پاڪ تي توڪل ڪريون. ([1])
مديني جي سلطان، رحمتِ عالميان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن ارشاد فرمايو: انساني دل جي هر جهنگ ۾ هڪ ٽاري (شاخ) آهي، ته جيڪو پنهنجي دل کي انهن سمورين شاخن جي پٺيان لڳائي ڇڏيندو، ته الله پاڪ کي ان جي ڪا پرواهه نه هوندي ته ڪهڙي جهنگ ۾ کيس تباهه ڪري ڇڏي ۽ جيڪو الله ڪريم تي توڪل ڪري، ته اهو انهن کي گهاٽين کان بچائي وٺندو. ([2])
مشهور مفسرِ قرآن، مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه هن حديثِ پاڪ جي تشريح ۾ فرمائن ٿا: انسان جي دل هڪ آهي پر ان جي لاءِ فڪر ۽ غم بيشمار آهن * روٽي * ڪپڙا * مڪان * بيمارين جو علاج * پاڻ ۾ جهيڙا جهٽا ۽ اختلاف وغيره وغيره، فڪرن ۽ غمن جا جهنگ آهن، جن
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami