Share this link via
Personality Websites!
479801
9534
اهڙيءَ طرح رزق ڏنو وڃي ها جهڙيءَ طرح پکين کي ڏنو ويندو آهي، جو اهي صبح جو بکيا نڪرندا آهن ۽ شام جو انهن جو پيٽ ڀريل هوندو آهي. ([1])
صحابيءِ رسول، حضرت انس رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ جن فرمائن ٿا: هڪ ڀيري مان رسولِ اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن سان گڏ ڪيڏانهن وڃي رهيو هيس، اسان هڪ نابينا پکيءَ (Blind bird) کي ڏٺو جيڪو پنهنجي چُهنب هڪ وڻ تي هڻي رهيو هو. پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: ڇا توهان ڄاڻو ٿا ته هي ڇا چئي رهيو آهي؟ مون عرض ڪيو: الله پاڪ ۽ ان جو رسول ئي بهتر ڄاڻن ٿا. فرمايائون: هي چئي رهيو آهي: اي الله پاڪ! تون ئي عدل ڪرڻ وارو آهين ۽ تو ئي منهنجي اکين جي روشني کَسي ورتي آهي، مون کي بک لڳي آهي. ايتري ۾ هڪ تِڏ آئي ۽ اها سڌي اچي ان پکيءَ جي وات ۾ داخل ٿي وئي. ان کان پوءِ اهو پکي وري پنهنجي چُهنب وڻ تي هڻڻ لڳو. پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن پڇيو: ڄاڻو ٿا ته هاڻي هي ڇا پيو چوي؟ مون عرض ڪيو: نه فرمايائون: هي چئي رهيو آهي: مَنْ تَوَکَّلَ عَلَی اللہِ کَفَاہُ يعني جيڪو الله تي ڀروسو ڪري ٿو، الله ان کي ڪافي ٿي وڃي ٿو. ([2])
سُبْحٰنَ الله! سچ آهي، جيڪو ٻانهو الله پاڪ تي پورو ڀروسو رکندو آهي، الله پاڪ ان لاءِ ڪافي ٿي ويندو آهي. تنهنڪري پنهنجي ايندڙ ڏينهن (سڀاڻي) جي فڪر ڪرڻ بدران اسان کي پنهنجي آخرت جي ڳڻتي ڪرڻ گهرجي. رزق جو ڇا آهي؟ جنهن پالڻهار اڄ کائڻ لاءِ ڏنو آهي، سڀاڻي به اهو ئي عطا فرمائيندو!
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami