Share this link via
Personality Websites!
479800
9534
هو.
پيارا اسلامي ڀائرو! اها آهي بي صبري جي نحوست ان ڪري اسان کي گهرجي ته توڪل اختيار ڪريون، الله پاڪ تي ڀروسو رکون، اِنْ شَآءَ اللهُ الْکَرِیْم! ان جون برڪتون حاصل ٿينديون.
توڪل جي معنيٰ آهي: الله پاڪ تي اعتماد رکڻ ۽ پنهنجا سڀ معاملا الله پاڪ جي سپرد ڪري ڇڏڻ. ([1])
ان جو مطلب هي ناهي ته اسين دنياوي سببن کي ئي ترڪ ڪري ڇڏيون، بلڪه توڪل جو مقصد آهي: * وسيلن ۽ اسبابن تي ڀروسو نه ڪجي * روزيءَ مانيءَ جا وسيلا اپنائجن * بيمار ٿي پئجي ته دوا به ڪجي * پورهيو ۽ محنت به ڪجي * ڪا پريشاني اچي ته ان جي حل لاءِ ڪوشش به ڪجي پر دل جو اصلي اعتماد انهن ظاهري سببن تي نه هجي بلڪه الله پاڪ جي رحمت تي هجڻ گهرجي.
جيڪڏهن اوهان توڪل ڪريو ها ته...
الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ ارشاد فرمائي ٿو:
وَ مَنْ یَّتَوَكَّلْ عَلَى اللّٰهِ فَهُوَ حَسْبُهٗؕ- (سيپارو: 28، الطلاق: 3)
ترجموڪنزُ العرفان: ۽ جيڪو الله تي ڀروسو ڪري ته اهو ان کي ڪافي آهي.
سردارِ دوعالم، مڪي مدني آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو آهي: لَوْ اَ نَّکُمْ کُنْتُمْ تَوَکَّلُوْنَ عَلَی اللہِ حَقَّ تَوَکُّلِہِ لَرُزِقْتُمْ کَمَا تُرْزَقُ الطَّیْرُ تَغْدُوْ خِمَاصًا وَتَرُوْحُ بِطَانًا جيڪڏهن اوهان الله تي اهڙو توڪل رکو جهڙو توڪل ڪرڻ جو حق آهي، ته اوهان کي
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami