Share this link via
Personality Websites!
479799
9534
پيارا اسلامي ڀائرو! بني اسرائيل کي بغير ڪنهن مشقت جي مَنّ ۽ سَلْويٰ نصيب ٿيندو هو، کين حڪم ڏنو ويو:
كُلُوْا مِنْ طَیِّبٰتِ مَا رَزَقْنٰكُمْؕ-(سيپارو: 1، البقرة: 57)
ترجمو ڪنزُ العرفان: (ته جيئن) اسان جون ڏنل پاڪيزه شيون کائو.
يعني هر ڏينهن جو کاڌو روزانو ڏنو پيو وڃي، ان کي بچائي ذخيرو نه ڪريو! الله پاڪ اڄ عطا فرمايو آهي ته سڀاڻي به وري عطا فرمائيندو، تنهنڪري سڀاڻي لاءِ ذخيرو نه ڪريو، هر روز جو کاڌو روزانو کائي ڇڏيو!
پر بني اسرائيل ان حڪم تي عمل نه ڪيو، کاڌو بچائي رکڻ شروع ڪري ڏنائون، يعني انهن الله پاڪ تي ڀروسو نه ڪيو. ان جو نتيجو ڇا نڪتو؟ مَنّ ۽ سَلْويٰ جو لهڻ بند ٿي ويو. معلوم ٿيو ته توڪل يعني الله پاڪ تي ڀروسو ڪرڻ نعمتن جي حاصل ٿيڻ جو ذريعو آهي، ۽ توڪل نه ڪرڻ مشقتن ۽ ڏکن ۾ ڦاسڻ جو سبب آهي.
اسان وٽ عام طور کاڌو گهڻا ڏينهن رکيل هجي ته خراب ٿي ويندو آهي ۽ ان تي تَھ لڳي ويندي آهي. بچيل کاڌي کي سنڀالڻ لاءِ مختلف طريقا اختيار ڪيا ويندا آهن، پهرين ائين نه هوندو هو. هي جيڪو کاڌو خراب ٿئي ٿو، اهو پڻ بني اسرائيل جي ان ئي بي صبري جو نتيجو آهي. حديثِ پاڪ ۾ آهي، نبين جي سردار، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: جيڪڏهن بني اسرائيل نه هجن ها ته نه کاڌو ڪڏهن خراب ٿئي ها ۽ نه ئي گوشت سڙي ها. ([1])
معلوم ٿيو ته کاڌي جو خراب ٿيڻ ۽ گوشت جو سڙڻ ان ئي تاريخ کان شروع ٿيو، نه ته ان کان اڳ نه کاڌو خراب ٿيندو هو ۽ نه ئي گوشت سڙندو
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami