Share this link via
Personality Websites!
479524
9522
ياد رکو! جهيڙيڪار طبيعت واري انسان کي بُرو ۽ بدترين شخص قرار ڏنو ويو آهي. قرآن ڪريم ۾ منافقن جي هڪ صفت بيان ڪئي وئي آهي:
وَ هُوَ اَلَدُّ الْخِصَامِ(۲۰۴)
ترجموڪنزالعرفان: اهو سڀ کان وڌيڪ جهڳڙو ڪرڻ وارو آهي.(پارو: 2، سورة بقرة: 204)
معلوم ٿيو ته جهيڙاڪ طبيعت هجڻ منافق جي نشاني آهي. اهڙي طرح هڪ ٻِي جاءِ تي غير مسلمن جي باري ۾ فرمايو ويو:
بَلْ هُمْ قَوْمٌ خَصِمُوْنَ(۵۸)
ترجمو ڪنزالعرفان: بلڪ اهي جهيڙاڪ ماڻهو آهن. (پارو: 25، سورة زخرف: 58)
اللهُ اکبر! معلوم ٿيو ته جهيڙيڪار هئڻ غير مسلمن جي به صفت آهي ۽ منافقن جو به طريقو آهي.
مسلمانن جي پياري امي جان حضرت عائشه صديقه طيبه طاهره رَضِیَ اللہُ عَنْها کان روايت آهي ته نبين جي سلطان، رحمتِ عالَمِيان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَآلِهِ وَسَلَّم فرمايو:
اِنَّ اَبْغَضَ الرِّجَالِ اِلَى اللهِ الْاَلَدُّ الخَصِمُ
ترجمو: بيشڪ الله پاڪ وٽ سڀ کان وڌيڪ ناپسنديده شخص اهو آهي، جيڪو تمام گهڻو جهڳڙالو آهي.[1]
الله پاڪ معاف فرمائي، اسان کي اهڙو ٿيڻ کان به بچائي ۽ جيڪي اهڙا آهن، انهن جي شر کان به بچائڻ فرمائي. هي سيرتِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَآلِهِ وَسَلَّم جو اسان
[1] بخاری، کتاب فی المظالم والغضب، باب قول اللہ تعالیٰ :وَهُوَ اَلَدُّ الْخِصَامِ ، صفحہ:633، حدیث:2457۔
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami