Share this link via
Personality Websites!
479523
9522
عقلمند اُهو آهي، جيڪو جهڳڙا ختم ڪرائي
پيارا اسلامي ڀائرو! سيرتِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَآلِهِ وَسَلَّم جي هن مبارڪ واقعي تي هن پهلوءَ کان به غور ڪريو ته اسان جا آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَآلِهِ وَسَلَّم سڀني کان وڌيڪ عقل وارا آهن ۽ پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَآلِهِ وَسَلَّم ڪمال عقلمندي ۽ دانائيءَ جو مظاهرو ڪندي ڇا ڪيو؟ جهيڙو ختم ڪرائي ڇڏيائون. نڪتل تلوارون مياڻن ۾ واپس هليون ويون، جيڪي هڪ ٻئي جون سِسيُون ڌَڙَ کان ڌار ڪرڻ لاءِ تيار ويٺا هئا، اُهي پُرسڪون ۽ ٿڌا ٿي ويا، معلوم ٿيو ته عقل وارو هجڻ جي نشاني اِها آهي ته عقلمند ماڻهو جهيڙا ڪرائڻ وارو نه ، پر جهيڙا ختم ڪرائڻ وارو هوندو آهي.
افسوس! اڄڪلهه اسان وٽ جيڪي حالتون پيدا ٿينديون پيون وڃن، مان سڀني جي ڳالهه نه ٿو ڪريان، پر اسان جي معاشري ۾ اهڙا ماڻهو موجود آهن، جيڪي ظاهري طور ڏسڻ ۾ وڏا عقلمند نظر ايندا آهن. اهي گهر ۽ خاندان جا وڏا به هوندا آهن، زندگيءَ جو وڏو حصو گذاري چڪا هوندا آهن ۽ کين ڪافي تجربو به هوندو آهي، پر ان جي باوجود جهڳڙالو طبيعت جا هوندا آهن * ٿوري ٿوري ڳالهه تي ڪاوڙجي ويهي رهندا آهن * چڱي ڀلي ماحول کي خوامخواهه جهيڙي وارو بڻائي ڇڏيندا آهن * جيئن ته انهن ديني علم حاصل نه ڪيو هوندو آهي، تنهنڪري ظاهري طور عقلمند نظر اچڻ جي باوجود سمجهداري نه هوندي آهي. * چغليون هڻندا آهن * غيبتون ڪندا آهن. * ٻين جي خلاف ڪَنَ ڀريندا رهندا آهن ۽ ڪا نه ڪا حرڪت ڪري يا پنهنجي ناسمجهيءَ جو مظاهرو ڪري جهيڙو ڪرائي وِجهندا آهن، يا اڳ ۾ شروع ٿيل جهيڙي کي وڌائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. اها انتهائي غلط حرڪت آهي.
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami