Share this link via
Personality Websites!
479522
9522
(يعني حجرِ اسود کي چادر مبارڪ جي مٿان رکيو ويو) پوءِ سڀني چڱن مڙسن کي فرمايائون: توهان سڀ گڏجي چادر جي ڪنڊن کي پڪڙي پٿر کي کڻو! سڀني سردارن چادر مبارڪ جي ذريعي حجرِ اسوَد کي کنيو ۽ ان جاءِ تائين کڻي ويا، جتي حجرِ اسود لڳائڻو هو. هتان کان پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَآلِهِ وَسَلَّم حجرِ اسود شريف کي پنهنجي مبارڪ هٿن سان کڻي ڪعبي شريف جي ڀت ۾ لڳائي ڇڏيو.[1]
هن بي مثال حڪمت عملي جي ذريعي عربن جي وچ ۾هڪ اهڙي جنگ ٽري وئي، جنهن جي نتيجي ۾ نه ڄاڻ ڪيترو خون وهي ها ۽ ڪيترائي ٻار يتيم ٿي وڃن ها.
سُبْحٰنَ اللہ! پيارا اسلامي ڀائرو! اندازو لڳايو ته ڪيڏي نه ڪمال جي حڪمت عملي آهي ۽ ڪيڏي نه ڪمال جي دانائي آهي! جهيڙو به ختم ٿي ويو، سڀئي سردار به راضي ٿي ويا ۽ ان سان گڏوگڏ ڪعبي شريف ۽ حجرِ اسود کي محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَآلِهِ وَسَلَّم جي مقدس هٿن جون برڪتون به نصيب ٿي ويون.
کوئی کیا جانے کہ کیا ہو عقلِ عالَم سے وَرَاء ہو
سب کی ہے تم تک رسائی بارگہ تک تم رَسَا ہو)[2](
بدخُلْق جو تھے وہ نیک ہوئے، لڑتے تھے ہمیشہ جو ایک ہوئے
تُو نے جھگڑے سارے مَیْٹ دئیے، تیری فَہْم و ذکا کا کیا کہنا!
صَلُّوا عَلَی الْحَبیب صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami