Share this link via
Personality Websites!
479547
9522
مَنْ اَحَبَّ سُنَّتِيْ فَقَدْ اَحَبَّنِيْ وَمَنْ اَحَبَّنِيْ كَانَ مَعِيَ فِيْ الْجَنَّةِ
جنهن منهنجي سنت سان محبت ڪئي، ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي، اهو جنت ۾ مون سان گڏ هوندو. ([1])
سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا! جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا
صَلُّوا عَلَی الْحَبیب صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
فرمانِ آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَآلِهِ وَسَلَّم: سڀني سُرمَن مان بهترين سرمو اِثمد آهي، ڇاڪاڻ ته هي نظر کي تيز ڪندو آهي ۽ پلڪن کي وڌائيندو آهي. ([2])
اي عاشقانِ رسول! پٿر جو سُرمو استعمال ڪرڻ ۾ حرج نه آهي. ڪارو سرمو يا ڪَجَل زينت جي نيت سان، يعني خوبصورتيءَ لاءِ، مرد کي لڳائڻ مڪروهه آهي ۽ جيڪڏهن زينت مقصود نه هجي ته ڪراهت نه آهي. سُرمو رات جو سمهڻ وقت استعمال ڪرڻ سنت آهي. * سرمو استعمال ڪرڻ جي ٽن منقول طريقن جو خلاصو پيشِ خدمت آهي. (1): ڪڏهن ٻنهي اکين ۾ ٽي ٽي سَرايُون پايو (2): ڪڏهن ساڄي اک ۾ ٽي سرايون ۽ کاٻي اک ۾ ٻه سرايون پايو (3): ڪڏهن ٻنهي اکين ۾ ٻه ٻه سرايون، پوءِ آخر ۾ هڪ سَرائيءَ تي سرمو لڳائي، واري واري سان ٻنهي اکين ۾ پايو. ائين ڪرڻ سان اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! ٽنهي طريقن تي عمل ٿيندو رهندو. اي عاشقانِ رسول! تعظيم ۽ ادب وارا جيترا به ڪم هوندا هئا، اسان جا پيارا آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَآلِهِ وَسَلَّم ساڄي پاسي کان شروع ڪندا هئا. تنهنڪري پهريان ساڄي اک ۾ سرمو پايو ۽ پوءِ کاٻي اک ۾.([3])
عجب نہیں کہ لکھا لوح کا نظر آئے! جو نقشِ پا کا لگاؤں غبار آنکھوں میں
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami