Share this link via
Personality Websites!
479546
9522
ياد رکو! نيڪيءَ جي دعوت ڏيڻ ۽ ان راهه ۾ مشقت سهڻ انبياءِ ڪرام جي سُنّت آهي* انبياءِ ڪرام * صحابه ڪرام * ۽ نيڪ ماڻهو نيڪيءَ جي دعوت ڏيڻ لاءِ گهرن مان نڪرندا هئا * ڏورانهن علائقن ڏانهن ويندا هئا * هجرت ڪندا هئا * ۽ مشقتون سَهي دين جو پيغام عام ڪندا هئا * اڳين بزرگن جي قربانين جي برڪت سان ئي اسان تائين دين پهتو آهي.
توهان به ماهِ قافله جي دوران قافلي ۾ سفر ڪرڻ جي نِيّت ڪري وٺو! ٿي سگهي ته هاڻي ئي پنهنجي نِيّت درج ڪرائي ڇڏيو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! تمام گهڻيون برڪتون حاصل ٿينديون * قافلي ۾ فرض عِلمِ دين سيکاريو ويندو آهي * سنتون سيکاريون وينديون آهن * تهجد پڙهڻ جي سعادت ملندي آهي * نيڪيءَ جي دعوت عام ڪرڻ جو موقعو ملندو آهي * قافلي جي برڪت سان دُعائون پوريون ٿيڻ * مشڪلاتون ٽرڻ * ۽ بيمارين مان شفاءَ ملڻ جا به سوين واقعا موجود آهن * ائين به ٿيو آهي جو قافلي ۾ سفر ڪندڙ عاشقانِ رسول جي حوصله افزائيءَ جي لاءِ پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهٖ وَسَلَّم ڪرم فرمايو، خواب ۾ تشريف کڻي آيا ۽ قافلي جي شرڪاءَ کي پنهنجي ديدار جو جام پياريو.
الله پاڪ اسان کي عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.
اٰمِیْنْ بِجَاہِ خاتَمِ النَّبِیّٖن صلَّی اللہُ عَلَیْہ ِوَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ
صَلُّوا عَلَی الْحَبیب صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي اختتام ڏانهن آڻيندي سنت جي فضيلت ۽ زندگي گذارڻ جا ڪجهه آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪري رهيو آهيان. تاجدارِ رسالت، شهنشاههِ نبوت صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَآلِهِ وَسَلَّم فرمايو:
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami