Share this link via
Personality Websites!
479543
9522
هي به تمام پياريون ڳالهيون آهن. پنهنجي روزاني معمولات ۾ اِهي چارئي وقت لازمي مقرر ڪريو! * ڪو هڪ اڪيلائيءَ جو وقت، جنهن ۾ توهان پنهنجي ربّ جي حضور حاضري ڏيو * اُهو مخصوص وقت، جنهن ۾ توهان پنهنجو محاسبو ڪريو * اُهو مخصوص وقت، جنهن ۾ توهان علمِ دين سکو، سٺي صحبت ۾ ويهو ۽ * هڪ وقت صرف ۽ صرف پنهنجي لاءِ رکو، جنهن ۾ توهان حلال شين مان فائدو حاصل ڪريو. انهن چئن وقتن کان بعد جيڪو وقت بچي، اهو پنهنجي ٻين جائز ڪمن ۾ لڳايو. الله پاڪ اسان کي انهيءَ ئي ترتيب سان پنهنجا معمولات مقرر ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.
اٰمِیْنْ بِجَاہِ خاتَمِ النَّبِیّٖن صلَّی اللہُ عَلَیْہ ِوَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ
دعوتِ اسلامي جي هڪ شعبي جو تعارف: نيڪ اعمال
اَلحمدُ للہ! دعوتِ اسلامي امت جي خيرخواهه ۽ نيڪين ڏانهن رغبت ڏيارڻ واري ديني تنظيم آهي. دعوتِ اسلامي مختلف شعبن جي ذريعي امت جي خيرخواهيءَ جو ڪم سرانجام ڏئي رهي آهي. انهن شعبن مان هڪ شعبو نيڪ اعمال به آهي. هن شعبي جي ذريعي پنهنجن عملن جو جائزو وٺڻ ۽ مختلف نيڪ اعمال، مثال طور * روزو رکڻ * فضول ڳالهين ۽ ڪمن کان بچندي خاموش رهڻ * نگاهن کي گناهن کان بچائيندي جهڪائي رکڻ وغيره جو ذهن ڏنو ويندو آهي.
هاڻي اجتماع کان پوءِ يا ڪنهن به وقت پنهنجي علائقي جي نيڪ اعمال جي ذميدار کان وڌيڪ تفصيل معلوم ڪريو، يا مڪتبة المدينه تان نيڪ اعمال جو رسالو حاصل ڪريو. چاهيو ته پنهنجي موبائل فون ۾ نيڪ اعمال جي ايپلي ڪيشن ڊائونلوڊ ڪري ڇڏيو. ان ۾ ڏنل سوالن کي پڙهو * هر سوال جي هيٺان
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami