Share this link via
Personality Websites!
479539
9522
جهڙو ماڻهو مون کي حڪم ڏيندو؟ ([1])
الله! الله! غور ته ڪريو هي ڪيڏو نه سخت جرم آهي. اسان وٽ ته اهڙيون ڳالهيون عام آهن. الله پاڪ اسان کي اهڙين بيوقوفين کان محفوظ فرمائي. ڪاش! اسان نصيحت قبول ڪرڻ وارا بڻجي وڃون.
(2): ذڪر ، فڪر ۽ ايمان جي پختگي
عقل وارن جون وڌيڪ نشانيون ڪهڙيون آهن؟ الله پاڪ فرمايو:
الَّذِیْنَ یَذْكُرُوْنَ اللّٰهَ قِیٰمًا وَّ قُعُوْدًا وَّ عَلٰى جُنُوْبِهِمْ وَ یَتَفَكَّرُوْنَ فِیْ خَلْقِ السَّمٰوٰتِ وَ الْاَرْضِۚ-رَبَّنَا مَا خَلَقْتَ هٰذَا بَاطِلًاۚ-سُبْحٰنَكَ فَقِنَا عَذَابَ النَّارِ(۱۹۱)
ترجموڪنزالعرفان: جيڪي بيٺي ۽ ويٺي ۽ پاسن ڀر ليٽندي الله کي ياد ڪندا آهن ۽ آسمانن ۽ زمين جي پيدائش ۾ غور ڪندا آهن. اي اسان جا رب! تو اهو سڀ بيڪار ناهي ٺاهيو. تون پاڪ آهين تون اسان کي دوزخ جي عذاب کان بچاءِ.
(پارو: 4، سورة آل عمران: 191)
سُبْحٰنَ اللہ! پيارا اسلامي ڀائرو! هي عقل وارن جون نشانيون آهن:
(1): عقلمند ماڻهو اٿندي، ويهندي ۽ بستري تي ليٽندي، هر حالت ۾ الله پاڪ جو ذڪر ڪندا آهن. مولا ڪريم جي ياد هر وقت سندن دلين تي ڇانيل رهندي آهي. (2): عقلمند ماڻهو ڪائنات ۾ غور ۽ فڪر ڪندا آهن، آسمانن ۽ زمين جي پيدائش ۽ ڪائنات جي ٻين عجائبات ۾ غور ڪندا آهن. سندن مقصد الله پاڪ جي عظمت ۽ قدرت جي باري ۾ گهڻي کان گهڻو علم حاصل ڪرڻ هوندو آهي. (3) ڪائنات ۾ غور ۽ فڪر ڪرڻ کان پوءِ الله پاڪ جي عظمت
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami