Share this link via
Personality Websites!
479537
9522
رسالت ۾ پيش ڪري ئي رهندس.
هن ڀيري اُهو چور چوڻ لڳو: اي ابوهريره! جيڪڏهن تون مون کي ڇڏي ڏيندين ته مان توکي هڪ فائدي واري ڳالهه ٻڌائيندس. مون چيو ٻڌاءِ! چوڻ لڳو: جڏهن رات جو بستري تي ليٽين ته آيةُ الْڪُرسي پڙهي ڇڏيندو ڪر! الله پاڪ تنهنجي حفاظت فرمائيندو ۽ صبح تائين شيطان کي توکان پري رکندو.
حضرت ابوهريره رَضِیَ اللہُ عَنْه فرمائن ٿا: سندس اها ڳالهه ٻڌي مون هن ڀيري به کيس ڇڏي ڏنو. صبح ٿيو ته مان بارگاههِ رسالت ۾ حاضر ٿيس. پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَآلِهِ وَسَلَّم فرمايو: اي ابوهريره! تنهنجي قيديءَ جو ڇا ٿيو....؟ مون عرض ڪيو: يا رسولَ الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَآلِهِ وَسَلَّم! اُن مون کي هِن قسم جو هڪ وظيفو ٻڌايو، تنهنڪري مون کيس ڇڏي ڏنو. نبي پاڪ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَآلِهِ وَسَلَّم فرمايو:
اَمَا اِنَّهُ قَدْ صَدَقَكَ وَهُوَ كَذُوبٌ
يعني اي ابوهريره! هو آهي ته ڪُوڙن جو سردار، پر توسان سچ ڳالهائي ويو.
پوءِ فرمايائون: اي ابوهريره! ڇا تون ڄاڻين ٿو ته اُهو ڪير هو؟
مون عرض ڪيو: مان نه ٿو ڄاڻان. پاڻ فرمايائون: ذَاكَ شَيْطَانٌ يعني اُهو شيطانِ لعين هو. ([1])
پيارا اسلامي ڀائرو! ڏسو ڳالهه سٺي هئي، پر اها شيطان چئي هئي، تنهن هوندي به ان کي قبول ڪيو ويو. معلوم ٿيو ته ڳالهه سچي هجي، پوءِ اها چوڻ وارو ڪير به هجي، اسان کي اها مڃڻ گهرجي. مثال طور: * اسان جو پٽ اسان کي نماز جي دعوت ڏئي ته ڇا نه مڃڻ گهرجي؟ بلڪل مڃڻ گهرجي * ڏهن يا پندرهن سالن جو ٻار اسان کي نيڪيءَ جي دعوت ڏئي، جيڪڏهن
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami