Share this link via
Personality Websites!
479519
9522
اي عاشقانِ رسول! سٺين سٺين نيتن سان عمل جو ثواب وڌي ويندو آهي، اچو ته بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺون ٿا. نيت ڪيو ته ! * الله جي رضا جي لاءِ بيان ٻڌندس * بااَدَب ويهندس* خوب توجهه سان بيان ٻڌندس * جيڪو ٻڌندس ان کي ياد رکڻ، پاڻ عمل ڪرڻ ۽ ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس.
صَلُّوا عَلَی الْحَبیب صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! دنيا جَهانَ جي سموري مخلوقات، جنهن ۾ * جِنَ به شامل آهن * انسان به شامل آهن * ۽ فرشتا به شامل آهن، بلڪه فرشتن جا سردار حضرت جبرائيل امين عليه السَّلام به شامل آهن، ان سموري مخلوق ۾ سڀني کان وڌيڪ، سڀني کان ڪامل ۽ اڪمل عقل، اسان جي آقا ۽ مولا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَآلِهِ وَسَلَّم کي عطا ڪيو ويو آهي.
پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَآلِهِ وَسَلَّم جي پيارن پيارن پاڪيزه نالن ۾ هڪ مبارڪ نالو: اَرْجَحُ النَّاسِ عَقْلاً آهي، يعني ماڻهن ۾ سڀني کان وڌيڪ عقل وارا.[1]
حضرت وهب بن مُنَبِّه رَحمۃُ اللہِ عَلَیْہ فرمائن ٿا: مان اڳين آسماني ڪتابن ۽ صحيفن مان 71 ڪتابن ۽ صحيفن ۾ هيءَ ڳالهه پڙهي آهي، جنهن جو خلاصو هي آهي ته: جيڪڏهن عقل کي هڪ وڏو ريگستان تصور ڪيو وڃي، ته ان سڄي ريگستان مان صرف هڪ ننڍڙو ذرو سڄي دنيا کي عطا ڪيو ويو آهي، جڏهن ته باقي سمورو عقل رسولِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَآلِهِ وَسَلَّم کي عطا
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami