Share this link via
Personality Websites!
479535
9522
نشين ڪري ڇڏيو ته جيڪا ڳالهه حق آهي، اسان کي ان جي پيروي ڪرڻي آهي.
بخاري شريف ۾ حديث پاڪ آهي: حضرت ابوهريره رَضِیَ اللہُ عَنْه فرمائن ٿا: رمضان شريف جو مهينو هو. صدقه فطر جمع ٿيو ۽ اناج جو هڪ وڏو ڍير گڏ ٿي ويو هو. رسولِ اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَآلِهِ وَسَلَّم منهنجي ذميواري لڳائي ته اي ابوهريره! هن اناج جي ڍير جي حفاظت تون ڪندين.
فرمائن ٿا: رات ٿي، مان اناج جي حفاظت ڪري رهيو هيس ته ايتري ۾ هڪ شخص آيو. اُن اناج مان ڪجهه شيون کڻڻ شروع ڪيون. جيئن ئي هو کڻي رهيو هو ته مون کيس پڪڙي ورتو. هاڻي هو عاجزيءَ سان منٿون ڪرڻ لڳو ۽ چوڻ لڳو:
اِنِّيْ مُحْتَاجٌ، وَعَلَيَّ عِيَالٌ وَّلِيْ حَاجَةٌ شَدِيْدَةٌ
ترجمو: اي ابوهريره! مان محتاج آهيان، منهنجا ٻار ٻچا آهن ۽ مون کي هن اناج جي سخت ضرورت آهي.
حضرت ابوهريره رَضِیَ اللہُ عَنْه فرمائن ٿا: مون کي مٿس رحم اچي ويو ۽ مون کيس ڇڏي ڏنو. صبح ٿيو ته پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَآلِهِ وَسَلَّم فرمايو:
يَا اَبَا هُرَيْرَةَ، مَا فَعَلَ اَسِيْرُكَ الْبَارِحَةَ
يعني اي ابوهريره! رات تنهنجي قيديءَ جو ڇا ٿيو....؟ مون عرض ڪيو: حضور! هن تمام گهڻيون منٿون ڪيون، تنهنڪري مون کي مٿس رحم اچي ويو. فرمايائون:
اَمَا اِنَّهُ قَدْ كَذَبَكَ، وَسَيَعُوْدُ
يعني اي ابوهريره! هن توسان ڪوڙ ڳالهايو آهي، هو ٻيهر ايندو.
سُبْحٰنَ اللہ! ڪيڏو نه ڪمال جو علم آهي! * اهو به معلوم آهي ته رات چور
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami