Share this link via
Personality Websites!
479534
9522
نصيحت ڪندو آهي. هاڻي انهن ٻنهي مان هڪ شاگرد استاد جي نصيحت قبول ڪري رهيو آهي، پنهنجي پڙهائيءَ تي به ڌيان ڏئي رهيو آهي، فضول ڪمن کان بچي رهيو آهي، راند روند ۽ بُرن دوستن جي صحبت ۾ پنهنجو وقت ضايع نه ڪري رهيو آهي * جڏهن ته ٻيو شاگرد نصيحت قبول نه ڪري رهيو آهي، پڙهائيءَ تي ڌيان به نه ڏئي رهيو آهي، وقت به ضايع ڪري رهيو آهي ۽ فضول ڪمن ۾ به لڳل رهندو آهي. ٻڌايو ته آخر ۾ ڪامياب ڪير ٿيندو؟ يقيناً نصيحت قبول ڪرڻ وارو امتحان ۾ ڪامياب ٿي ويندو. تنهنڪري انهن ٻنهي مان عقلمند ڪير آهي؟ اُهو، جنهن نصيحت قبول ڪئي. جنهن نصيحت قبول ئي نه ڪئي، اهو عقلمند نه، پر بيوقوف آهي.
معلوم ٿيو ته نصيحت قبول ڪرڻ عقل وارن جي نشاني آهي.
پيارا اسلامي ڀائرو! اسان کي به گهرجي ته عقلمند بڻجڻ لاءِ نصيحت قبول ڪندا ڪريون. جيڪڏهن ڳالهه حق هجي ته اسان کي مڃڻ گهرجي.
اسان جي معاشري ۾ اِهو ماحول به عام آهي ته ماڻهو ٻين جي عمر ڏسي، ظاهري حُليو ۽ مرتبو(Status) ڏسي نصيحت قبول ڪندا آهن * ننڍي عمر وارو اسان کي سمجهائي ته اسان مڃڻ لاءِ تيار نه ٿيندا آهيون، پر ائين چوندا آهيون ته هِي ڪالهوڪو ٻار اسان کي سمجهائيندو...؟ * سادن ڪپڙن وارو سمجهائي ته ڳالهه سمجهه ۾ نه ايندي آهي، بلڪه سامهون واري کان کيس جواب ملندو آهي ته پنهنجي حالت ته ڏس! پنهنجو رُتبو (Status) ته ڏس! تو جهڙو ماڻهو مون کي سمجهائيندو.....؟
اهڙيون ڳالهيون ڪري اسان حق ڳالهه کان پري ٿي ويندا آهيون. هي اصول ذهن
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami