Share this link via
Personality Websites!
479532
9522
وانگر ئي آهي. انسان جو دنيا ۾ اچڻ جو ڪو الڳ سان وڏو مقصد نه آهي. هي به فقط کائڻ، پيئڻ، سمهڻ ۽ مزا ماڻڻ لاءِ ئي آيو آهي.
لَا حَوْلَ وَلَا قُوَّةَ اِلَّا بِاللّٰهِ! هي ريشنل اِزم (عقل پرستي) آهي يا بيوقوفي آهي....؟ خير! جيڪا بي ديني آهي، اها ڪنهن به صورت ۾ عقلمندي ٿي ئي نه ٿي سگهي * عقل جي تقاضا آهي ته جيڪو اسان تي احسان ڪري، ان جو شڪريا ضرور ادا ڪرڻ گهرجي * عقل جي تقاضا آهي ته جنهن اسان کي پيدا ڪيو، هن ڪائنات ۾ اسان جي رهڻ جا اسباب رکيا، جيڪو اسان کي پالي ٿو ۽ جنهن اسان کي باڪمال ۽ بي مثال نعمتون عطا ڪيون آهن، اُهو هن ڳالهه جو حقدار آهي ته سندس شڪر ادا ڪيو وڃي * عقل جي تقاضا آهي ته جيڪو اسان جو خالق آهي، ان جي فرمانبرداري ڪئي وڃي * عقل جي تقاضا آهي ته انسان جهڙي باشعور مخلوق بي فائده ۽ فضول نه هجي، ان جي سامهون هڪ وڏو مقصد هجي، جنهن کي هُو پُورو ڪري * عقل جي تقاضا آهي ته هن دنيا (جنهن کي اسان جلد ڇڏي وينداسين) سان دل نه لڳائي وڃي.
هِي سڀ عقل جون تقاضائون آهن. ڪيڏو نه بي عقل هوندو اهو شخص، جيڪو عقل جي هنن بنيادي تقاضائن کي ئي نه سمجهي سگهي. هن سڄي تفصيل مان معلوم ٿيو ته * بي دين هجڻ هرگز عقلمندي نه ٿو ٿي سگهي. دين عقل سان آهي ۽ عقل دين سان آهي. اهي جيڪي ماڻهو دين کي نه ٿا مڃين، انهن جي باري ۾ الله پاڪ قرآن ڪريم ۾ ارشاد فرمائي ٿو:
اُولٰٓىٕكَ كَالْاَنْعَامِ بَلْ هُمْ اَضَلُّؕ-
ترجموڪنزالعرفان: هي ماڻهو جانورن وانگر آهن بلڪ انهن کان به وڌيڪ ڀٽڪيل (پارو: 9، سورة اعراف: 179)
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami