Share this link via
Personality Websites!
479531
9522
* اها زمين، جنهن کي جيڪڏهن ڪوڏر سان کوٽيو وڃي تڏهن به چڱو ڀلو زور لڳائڻو پوندو آهي، انهيءَ ئي زمين جي سيني کي چيري هڪ ننڍڙو، نرم ۽ ملائم گونچ ٻاهر ڦُٽِي نڪرندو آهي. ڏاڍي بي مثال طريقي سان ٻوٽو بڻجندو آهي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي ننڍڙي ٻج مان وَڌِي هڪ وڏو وڻ ٿي ويندو آهي، ان تي ميوا به لڳي ويندا آهن * روزانو مقرر وقت تي سج اڀرندو آهي ۽ مقرر وقت تي لهي ويندو آهي * توهان ڏسو ته زندگي گذارڻ لاءِ اُها ڪهڙي سهولت ۽ ڪهڙي ضرورت آهي، جيڪا زمين تي موجود نه آهي.....؟
هن سموري نظام کي ڏسي ڪري جيڪو ماڻهو چوي ته هي سڀ ڪجهه پاڻمرادو ٺهي ويو آهي، ان کي ڪنهن به پيدا نه ڪيو آهي، ته ٻڌايو، ڇا اوهان اهڙي شخص کي عقلمند چوندؤ.....؟ * اهو ڪيئن عقلمند ٿي سگهي ٿو * جيڪو هيءَ ڳالهه ته مڃي ٿو ته هڪ ننڍڙو گلاس به پاڻمرادو ٺهي نه ٿو سگهي * هڪ ننڍڙو بال پاڻمرادو ٺهي نه ٿو سگهي * انسان پنهنجو پاڻ پيدا ٿي نه ٿو سگهي * انسان عقل ۽ شعور رکڻ جي باوجود پاڻ کي پيدا نه ٿو ڪري سگهي، اِهو سڀ ڪجهه مڃي رهيو هوندو آهي پر پوءِ به چوندو آهي ته هيڏي وڏي ڪائنات پاڻمرادو ٺهي وئي آهي ۽ ان کي ٺاهڻ وارو ڪو به نه آهي. ڇا اِها عقلمندي آهي....؟ نه، هرگز نه! اِها ته انتها درجي جي بيوقوفي آهي.
پر افسوس! اڄ انهيءَ بي عقليءَ ۽ بيوقوفيءَ کي ريشنل اِزم يا (عقل پرستيءَ جو نظريو) چيو وڃي ٿو. اَسْتَغْفِرُ اللہ! انهن نالي ماتر عقلمندن کي ڇا ٿي ويو آهي...؟ اِهي ريشَنَل اِزم وارا، هيومن اِزم وارا خبر آهي ڇا چوندا آهن؟ انهن جو عقيدو آهي ته انسان ۽ گڏهه هڪجهڙا آهن. گڏهه به دنيا ۾ آيو آهي، کائيندو، پيئندو، سمهندو، گهمندو ڦِرندو ۽ مزا ماڻيندو آهي، انسان به ان
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami