Share this link via
Personality Websites!
479530
9522
ويا، تيئن هي به بڻجي وڃي ها. پر هن ڪيڏي نه بيوقوفي ڪئي! پنهنجي اندر جي حسد ۽ ساڙ کي سنڀالي نه سگهيو ۽ ذليل ۽ رسوا ٿيو ۽ آخرڪار مري کَپِي جهنم جو حقدار بڻجي ويو. هاڻي توهان ٻڌايو ته هن ڪلمو نه پڙهي عقلمندي ڏيکاري يا بيوقوفي ڪئي؟ يقيناً هن بيوقوفي ڪئي. ايتريون واضح نشانيون اکين سان ڏسي ۽ ڪنن سان ٻڌي به هو سمجهي نه سگهيو * هڪ صحابي رَضِیَ اللہُ عَنْه چون ٿا: اسلام قبول ڪرڻ کان اڳ اسان جي حالت هيءَ هوندي هئي جو جيڪو پٿر اسان کي سٺو لڳندو هو، ان کي پنهنجو معبود بڻائي ڇڏيندا هئاسين * سفر تي ويندا هئاسين جيڪڏهن رستي ۾ ڪو پٿر پهريان واري پٿر کان وڌيڪ خوبصورت ملي ويندو هو، ته پهريان واري کي اڇلائي ڇڏيندا هئاسين ۽ نئين پٿر کي معبود بڻائي ڇڏيندا هئاسين * جيڪڏهن ڪو پٿر نه ملندو هو، ته مِٽي يا وارِي گڏ ڪري، ان تي ٻڪريءَ جو کير هاريندا هئاسين ۽ ان گڏ ڪيل مٽيءَ جي ڍيريءَ کي پنهنجو معبود مڃي ان جو طواف ڪرڻ شروع ڪري ڏيندا هئاسين.[1]
توهان ٻڌايو ته غير مسلمن جا اهي جيڪي انداز هئا يا آهن، اِها عقلمندي آهي يا بيوقوفي آهي.....؟ يقيناً اِها بيوقوفي ئي آهي.
* اهڙيءَ طرح هيءَ هيڏي وڏي ڪائنات آهي * آسمان بغير ٿنڀن جي بيٺو آهي * زمين پنهنجين اعليٰ ترين خاصيتن سان اسان جي پيرن هيٺان آهي * نهايت اعليٰ ۽ انتهائي حڪمت وارو ڪائنات جو نظام آهي * سج زمين کان هڪ مخصوص فاصلي تي آهي * چنڊ به هڪ خاص فاصلي تي آهي * تمام بهترين نظام تحت بخارات اٿندا آهن، ڪڪر ٺهندا آهن، هوائون هلنديون ۽ مينهن وسندو آهي * سڪل مٽيءَ ۾ لڪيل ٻج سيراب ٿيندو آهي
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami