Share this link via
Personality Websites!
479528
9522
ئي انڪار ڪندا آهن * اِهي عقل پرست ئي ته آهن، جن کي نماز جي اهميت ئي سمجهه ۾ نه ايندي آهي * عقل پرست ئي ته آهن، جيڪي مَعَاذَ اللہ! قرآن ۽ حديث تي ابتا سبتا اعتراض ڪندا آهن * عقل پرست ئي ته آهن، جيڪي معجزن کي به عقل جي ڪسوٽيءَ تي پرکيندا آهن ۽ انهن جو انڪار ڪري ويهندا آهن ته پوءِ عقل ايتري فضيلت وارو ڪيئن ٿي سگهي ٿو؟ فضيلت جو معيار ته ايمان آهي، فضيلت جو معيار ته دِين آهي، تقويٰ آهي.
هي سوال شايد اوهان جي ذهنن ۾ پيدا ٿي رهيو هجي ته ان جو جواب ٻڌو! حقيقت ۾ جيڪو عقل آهي، اهو دين کان بيزار نه هوندو آهي. * دين کان بيزار ٿيڻ * الله پاڪ جو انڪاري ٿي وڃڻ * حديثن جو انڪار ڪرڻ * ديني حڪمن ۽ مسئلن تي ابتا سبتا اعتراض ڪرڻ، حقيقت ۾ عقل نه، پر بي عقلي آهي. جي ها! عقل ته دين کي تسليم ڪندو آهي. مان اوهان کي هڪ روايت ٻڌايان ٿو:
حضرت آدم علیہ السَّلام جي چُونڊَ
امام ابن ابي الدنيا رَحمۃُ اللہِ عَلَیْہ هڪ روايت بيان ڪئي آهي. پاڻ لکن ٿا ته جڏهن الله پاڪ حضرت آدم عليه السَّلام کي زمين تي لاٿو، ته حضرت جبرائيل امين عليه السَّلام ٽي شيون کڻي سندن خدمت ۾ حاضر ٿيا: (1) دين (2) عقل ۽ (3) حسنِ اخلاق.
عرض ڪيائون: اي آدم عليه السَّلام! الله پاڪ فرمائي ٿو ته هنن ٽن شين مان ڪا هڪ شيءِ چونڊي وٺو. حضرت آدم عليه السَّلام فرمايو: اي جبرائيل! هنن ٽنهي شين مان هيءَ هڪ شيءِ اهڙي آهي، جنهن کي مون جنت ۾ سڀني کان وڌيڪ حسين ۽ خوبصورت شڪل ۾ ڏٺو هو. ائين چئي پاڻ عقل ڏانهن هٿ وڌايائون ۽ ان کي پنهنجي سيني سان لڳائي ڇڏيائون.
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami