Share this link via
Personality Websites!
479434
9519
نعيمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: الله ۽ رسول صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تي اعتماد هجڻ ايمان جي حقيقت آهي. شيءِ کي ڏسي يا ٻڌي ته هر ڪو ماڻهو مڃي وٺندو آهي، پر جيڪا شيءِ ان کان غائب هجي ۽ عقل ۾ به نه اچي، ان کي صرف ان ڪري مڃي وٺڻ جو اها رسولُ الله صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمائي آهي، اهو ان ڳالهه جو دليل آهي ته ان جي دل ۾ اطاعت جو جذبو آهي. وڌيڪ فرمائن ٿا: سچ پڇو ته ايمان جي جان ته اها آهي ته رسولُ الله صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي خبر تي پنهنجن حواسن (اکين، ڪنن، عقل وغيره) کان به وڌيڪ ڀروسو هجي. جيڪڏهن اسان اکين سان ڏسي رهيا آهيون ته هن وقت ڏينهن آهي ۽ نبي ڪريم صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمائن ٿا ته هن مهل رات آهي، ته اسان جي اک ڪوڙي آهي ۽ نبي ڪريم صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سچا آهن، ڇو ته اسان جي اک هزار ڀيرا خطا کائي سگهي ٿي پر پاڻ سڳورن جو فرمان ڪڏهن به غلط نٿو ٿي سگهي. ([1])
شاہانِ جہاں کیونکر رکھیں نہ سر آنکھوں پر
فرمانِ الٰہی ہے فرمان مُحَمَّد کا
حُور و مَلک و غِلْمَاں جِنْ و بَشر و حَیْوَاں
لیتے ہیں سبھی سَر پر فَرْمَان مُحَمَّد کا([2])
حضرت ابو عُبيد رَضِىَ اللهُ عَنْهُ صحابيءِ رسول آهن، هڪ ڀيري هنن رسولِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جي کاڌي تي دعوت ڪئي، ٻڪريءَ جو گوشت رڌائون. کاڌو شروع ٿيو ته سرڪارِ مدينه صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: نَاوِلْنِیْ ذِرَاعَہَا مون کي هن ٻڪريءَ جي دستي (يعني اڳين ٽنگ) کڻي
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami