Share this link via
Personality Websites!
479433
9519
يعني اي موسيٰ عَلَيْهِ السَّلام! جيستائين اوهان اسان کي الله پاڪ جو ديدار نٿا ڪرايو، تيستائين اسان اوهان جو يقين ئي نه ڪنداسين.
يعني انهن حضرت موسيٰ عَلَيْهِ السَّلام تي اعتماد نه ڪيو ([1]) سندن ڳالهه مڃڻ جي بدران پنهنجين اکين سان ڏسڻ تي زور ڏنائون: اها ئي حضرت موسيٰ عَلَيْهِ السَّلام تي بي اعتمادي هئي، جنهن جي انهن کي سزا ملي، ان مهل ئي آسمان مان بجلي ڪري ۽ هي سڀ موت جي منهن ۾ پهچي ويا.
خبر پئي: نبيءَ جي زبان تي اعتماد نه ڪرڻ تمام وڏو ڏوهه آهي، جنهن جي سزا انتهائي سخت ملندي آهي.
نبيءَ تي اعتماد ايمان جي جان آهي
پيارا اسلامي ڀائرو! اسان الحمد للہ مسلمان آهيون. مسلمان جي معنيٰ ڄاڻو ٿا ته ڇا آهي؟ الله ۽ رسول جي فرمان اڳيان سر جهڪائيندڙ! يعني سچو پڪو مسلمان اهو هوندو آهي جيڪو الله ۽ رسول جي فرمان جي مقابلي ۾ پنهنجي دل، دماغ، اکين، ڪنن وغيره جي نٿو ٻڌي بلڪه جيڪو ڪجهه فرمايو وڃي، ان کي دل جي گهرائين سان ماٺ ڪري اکيون ٻوٽي مڃي وٺندو آهي. ۽ هي جيڪو اعتماد آهي، يعني نبيءَ جي فرمان تي پڪو يقين...!! اهو ايمان جي جان آهي. جيڪي الله ۽ رسول جي ارشادات تي بنا ڏٺي ايمان آڻين ٿا، انهن جي تعريف ۾ الله پاڪ فرمائي ٿو:
الَّذِیْنَ یُؤْمِنُوْنَ بِالْغَیْبِ
ترجمو ڪنزُالعرفان: اهي ماڻهو جيڪي اڻ ڏٺي ايمان آڻن ٿا. (سيپارو: 1، البقرة:3)
هن آيت جي تحت مشهور مفسرِ قرآن، حڪيم الامت مفتي احمد يار خان
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami