Share this link via
Personality Websites!
479430
9519
ترجمو ڪنزُالعرفان: تون مونکي هرگز نه ڏسي سگهندين. (سيپارو: 9، الاعراف: 143)
معلوم ٿيو: هي شوق ته مون کي الله پاڪ جو ديدار نصيب ٿئي، تمام سٺو شوق آهي. مبارڪ حديثن ۾ ان جي فضيلت آيل آهي. محبوبِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: مَنْ اَحَبَّ لِقَاءَ اللہِ اَحَبَّ اللہُ لِقَائَہٗ جيڪو الله پاڪ سان ملڻ کي پسند ڪندو آهي، الله پاڪ سندس ملاقات کي پسند فرمائيندو آهي. ([1])
نيڪ ٻانها ديدار جو شوق رکندا آهن
هڪ حديثِ قدسيءَ ۾ آهي، الله پاڪ فرمائي ٿو: فَطَالَ شَوْقُهُمْ اِلَى لِقَائِيْ وَاِنِّي اِلَيْهِمْ لَاَشَدُّ شَوْقًا يعني نيڪ ٻانها مون سان ملڻ جو تمام گهڻو شوق رکندا آهن، ۽ مان سندن ملاقات جو انهن کان به وڌيڪ مشتاق آهيان. ([2])
الله پاڪ پنهنجو ديدار عطا فرمايو
حضرت بشر حافي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه تمام وڏا وليُ الله ٿي گذريا آهن، سندن وصال کان پوءِ ڪنهن کين خواب ۾ ڏسي پڇيو: شيخ ورَّاق ۽ شيخ نصر (رحمة الله عليهما) ڪهڙي حال ۾ آهن؟ فرمايائون: الله پاڪ کين جنّتي نعمتون عطا ڪيون آهن، مزي سان کائين پين پيا. خواب ڏسندڙ پڇيو: اوهان تي ڪهڙي عنايت ٿي؟ فرمايائون: الله پاڪ کي خبر هئي ته مون کي کائڻ پيئڻ ۾ ڪا رغبت نه هئي، ان ڪري الله پاڪ مون کي پنهنجو ديدار عطا فرمايو. ([3])
حضرت حارث بن ابو اَوفيٰ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه الله پاڪ جا نيڪ ٻانها ٿي گذريا آهن، سندن هڪ غير مسلم پاڙيسري هو، هڪ ڀيري هو بيمار ٿي پيو، پاڻ سندس
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami