Share this link via
Personality Websites!
479427
9519
قَالَ اللہُ تَبَارَکَ وَ تَعَالٰی فِی الْقُرْآنِ الْکَرِیْم (الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ فرمائي ٿو):
وَ اِذْ قُلْتُمْ یٰمُوْسٰى لَنْ نُّؤْمِنَ لَكَ حَتّٰى نَرَى اللّٰهَ جَهْرَةً فَاَخَذَتْكُمُ الصّٰعِقَةُ وَ اَنْتُمْ تَنْظُرُوْنَ(۵۵) ثُمَّ بَعَثْنٰكُمْ مِّنْۢ بَعْدِ مَوْتِكُمْ لَعَلَّكُمْ تَشْكُرُوْنَ(۵۶) (سيپارو: 1، البقرة: 55_ 56)
صَدَقَ اللہُ الْعَظِیْم وَ صَدَقَ رَسُوْلُہُ النَّبِیُّ الْکَرِیْم صلّی اللہ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلم
ترجمو ڪنزُالعرفان: ۽ ياد ڪريو جڏهن توهان چيو: اي موسيٰ! اسان هرگز توهان جو يقين نه ڪنداسين جيستائين ظاهر ظهور خدا کي نه ڏسي وٺون پوءِ توهان جي ڏسندي ئي ڏسندي توهان کي ڪڙڪ (گجگوڙ) اچي ورتو پوءِ توهان جي موت کان پوءِ اسان توهان کي زندھ ڪيو ته جيئن توهان شڪر ادا ڪريو.
70 ڄڻا مئا، پوءِ وري جيئرا ٿي ويا
پيارا اسلامي ڀائرو! الله پاڪ جا نبي، حضرت موسيٰ عَلَيْهِ السَّلام تورات شريف وٺڻ لاءِ ڪوهِ طور تي تشريف کڻي ويا، پٺيان بني اسرائيل گابي جي پوڄا شروع ڪري ڇڏي. پاڻ واپس تشريف کڻي آيا، کين توبه ڪرائي، ڏوهه انتهائي سخت هو، توبه جو تقاضو پورو ڪرڻ لاءِ بني اسرائيل جا 70 هزار ماڻهو قتل ڪيا ويا. ان کان پوءِ الله پاڪ حضرت موسيٰ عَلَيْهِ السَّلام کي فرمايو: بني اسرائيل مان 70 ماڻهو چونڊيو! انھن کي وٺي ڪوهِ طور تي اچو! اهي الله پاڪ جي حضور معذرت پيش ڪن.
اها الله پاڪ جي طرفان هڪ وڏي ڪرم نوازي هئي جو اهي هئا ته ڏوهاري، ان جي باوجود مٿن عذاب نازل نه فرمايائين بلڪه انهن کي توبه جي توفيق عطا فرمائي، پوءِ معذرت پيش ڪرڻ جي اجازت به عطا فرمائي ڇڏيائين. اهي 70 ماڻهو اهي هئا جيڪي گابي جي پوڄا ۾ شريڪ نه هئا، کين پنهنجي بارگاهه ۾ حاضريءَ جو شرف به بخشيائين.
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami