Share this link via
Personality Websites!
479444
9519
سلطان صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن ٻڌائي * اها هستي جنهن آڱر کنئي ته چنڊ جا 2 ٽڪرا ٿي پيا * اشارو فرمايائون ته لٿل سج موٽي آيو * جن جي اڳيان جانور سجدا ڪندا هئا * وڻ جن جي سلاميءَ لاءِ جهڪندا هئا * پٿر جن جا ڪلما پڙهندا هئا. اسان الحَمدُ لِلہ اهڙي باڪمال رسول صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جي ڳالهه تي پڪو اعتماد ڪيون ٿا. نصيب پنهنجو پنهنجو آهي، ڪنهن نه ڪنهن تي اعتماد ڪرڻو ئي پوندو. محبوب صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ارشادات مان نڪرنداسين ته غير مسلمن جا فريب ۽ باطل دعوائون مڃڻيون پونديون. تنهنڪري اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمايو:
دِل کو جو عقل دے خُدا، تیری گلی سے جائے کیوں([1])
۽ اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا:
وہ کہ اِس دَرْ کا ہُوا، خَلْقِ خُدا اُس کی ہوئی
وہ کہ اِس دَرْ سے پِھرا، اللہ اُس سے پِھر گیا([2])
تنهنڪري هيڏانهن هوڏانهن جون ٺوڪرون کائڻ کان بهتر بلڪه لازم ۽ ضروري هي آهي ته اسان محبوبِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي فرمانن کي دل و جان سان تسليم ڪريون. بنياد عقل تي نه پر بنياد عشق تي رکو.
عقل کو تنقید سے فُرصَت نہیں عشق پر اَعمال کی بنیاد رکھ
پنجابيءَ ۾ چوندا آهن:
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami