Share this link via
Personality Websites!
479443
9519
وضاحت: جڏهن دين ۽ شريعت جي ڳالهه اچي ته عقل جي نه بلڪه دين جي ڳالهه مڃڻي پوندي، الله پاڪ جو هي تحفو منزل تائين پهچڻ جي لاءِ هڪ رستو آهي پر خود منزل ناهي، منزل ته الله پاڪ ۽ ان جي پياري محبوب صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي اطاعت ڪندي آخرت ۾ ڪامياب ٿيڻ آهي.
پيارا اسلامي ڀائرو! * عقلمند هجڻ * قدرتِ الاهي ۽ ديني معاملن ۾ غور ۽ فڪر ڪرڻ تمام سٺي ڳالهه آهي، اسلام ان جي اهميت به بيان ڪري ٿو، البت اهڙو عقل * جيڪو الله پاڪ ۽ سندس پياري رسول صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي فرمان خلاف هجي، جنهن جي ڪري انسان اسلامي احڪامن تي اعتراض ڪري * شريعت جي حڪمن اڳيان پنهنجي سمجهه کي اهميت ڏئي، اهڙو عقل، عقلمندي ناهي بلڪه عقل پرستي آهي.
پيارا اسلامي ڀائرو! هن دنيا ۾ اسان کي ڪنهن نه ڪنهن تي اعتماد ڪرڻو ئي پوندو آهي. ڏسو! مان هڪ مثال پيش ڪريان ٿو: دنيا ۾ انسان جي شروعات ڪيئن ٿي؟ ان بابت هڪ نظريو ڊارون ڏنو ته انسان پهريان ڀولڙو هو، پوءِ ترقي ڪندي ڪندي انسان بڻجي ويو. جيترا به غير مسلم آهن، عقل پرست آهن، جن جي اها دعويٰ آهي ته عقل ئي سڀ ڪجهه آهي ۽ اسان عقل سان سمورا مسئلا حل ڪري سگهون ٿا اسان کي دين جي ڪا ضرورت ئي ناهي، اهي بي عقل ڊارون جي هن ڳالهه تي اعتماد ڪندا آهن. هي ڊارون ڪير هو؟ هڪ غير مسلم هو، ۽ قرآن پاڪ غير مسلم کي جانورن کان به بدتر قرار ڏنو آهي.
ٻئي پاسي قرآن ۽ حديث جا فيصلا آهن ته انسان جي شروعات حضرت آدم عَلَيْهِ السَّلام کان ٿي، حضرت آدم عَلَيْهِ السَّلام کي الله پاڪ پنهنجي قدرت سان پيدا فرمايو. اها حقيقت اسان کي ڪنهن ٻڌائي؟ * محبوبِ ذيشان، مڪي مدني
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami