Share this link via
Personality Websites!
479439
9519
سچی بات سِکھاتے یہ ہیں سِیْدھی رَاہ دِکھاتے یہ ہیں
ٹُوٹی آسیں بَنْدَھاتے یہ ہیں چُھوٹی نَبْضِیں چَلاتے یہ ہیں
دَافع یعنی حَافِظ و حَامِی دَفع بَلا فَرماتے یہ ہیں
اِن کا حُکم جہاں میں نافِذ قبضہ کُل پہ رَکھاتے یہ ہیں
وضاحت: اها ڳالهه هميشه ياد رکو ته احاديثِ مبارڪه ۾ ٻڌايل علاج به تجربيڪار حڪيم جي مشوري مطابق ڪرڻ گهرجن، ڇوته هر ماڻهوءَ جي طبيعت ۽ ڪيفيت هڪجهڙي ناهي هوندي، ڪيترا ئي ڀيرا ائين ٿيندو آهي ته هڪ شيءِ هڪ ماڻهوءَ لاءِ فائديمند هوندي آهي ۽ ڪنهن ٻئي لاءِ نقصانڪار ٿي پوندي آهي.
قيامت جي ڏينهن اهلِ فترت جو حال
انسانن جو هڪ اهڙو طبقو به آهي جنهن کي اهلِ فترت سڏيو وڃي ٿو. ان مان مراد اهي ماڻهو آهن جن تائين ڪنهن نبي عَلَيْهِ السَّلام جي تبليغ نه پهتي. ([1]) جهڙوڪ حضرت عيسيٰ عَلَيْهِ السَّلام جي آسمان تي وڃڻ کان پوءِ حضور نبي ڪريم صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي بعثت کان اڳ تائين واري زماني کي ”زمانهءِ فترت“ چوندا آهن ۽ ان زماني جي ماڻهن کي اصحابِ فترت چيو وڃي ٿو. ([2]) قيامت واري ڏينهن انهن جو حشر ڪيئن ٿيندو؟ ڇا اهي جنت ۾ ويندا يا دوزخ جا حقدار هوندا؟ ان حوالي سان روايتن ۾ اچي ٿو: قيامت واري ڏينهن انهن ماڻهن کي گڏ ڪيو ويندو، الله پاڪ کين فرمائيندو: ”توهان سڀ جهنم ۾ هليا وڃو...!!
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami