Share this link via
Personality Websites!
479435
9519
ڏي! پياري آقا صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن کي دستيءَ جو گوشت پسند هو. حضرت ابو عبيد رَضِيَ اللهُ عَنْه دستي پيش ڪئي. ڪجهه دير کان پوءِ پاڻ صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم وري فرمايو: نَاوِلْنِی الذِّرَاعَ مون کي دستي ڏي! حضرت ابو عبيد رَضِيَ اللهُ عَنْه ٻي دستي به پيش ڪري ڇڏي. پاڻ صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم وري ارشاد فرمايو: نَاوِلْنِی الذِّرَاعَ مون کي دستي ڏي! حضرت ابو عبيد رَضِيَ اللهُ عَنْه عرض ڪيو: يا رسولَ اللهصَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! ٻڪريءَ جون ڪيتريون دستيون ٿينديون آهن؟ (يعني ٻڪريءَ جون اڳيون ٽنگون ته ٻه ئي هونديون آهن ۽ ٻئي مان پيش ڪري چڪو آهيان). ان تي رسولِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: ان ذات جو قسم جنهن جي قبضي ۾ منهنجي جان آهي! جيڪڏهن تون خاموش رهين ها ته جيستائين مان گهرندو رهان ها، تون ٻڪريءَ جي دستي کڻي ڏيندو رهين ها، ٻڪريءَ جون دستيون ڪڏهن ختم نه ٿين ها. ([1])
هتي ڏسو! صحابيءِ رسول رَضِيَ اللهُ عَنْه جي ڪهڙي پياري تربيت ڪئي وئي آهي. ٻڪريءَ جون ٻه دستيون ٿينديون آهن، اها ڳالهه بلڪل واضح آهي، رسولُ الله صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم به ڄاڻن ٿا، صحابي به ڄاڻي ٿو، پر رسولِ پاڪ صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تربيت فرمائي ته اکين ڏٺي حقيقت تي نه وڃو! منهنجي فرمان تي بنياد رکو! اڄ جيڪڏهن تون منهنجي فرمان تي اکيون ٻوٽي ڇڏين ها ته مان گهرندو وڃان ها ۽ تون ڏيندو وڃين ها، ٻڪريءَ جون دستيون ڪڏهن کٽن ئي نه ها.
خبر پئي: اسان جي اک جيڪو ڪجهه ڏسي رهي آهي، جيڪڏهن الله ۽ رسول جو فرمان ان جي برعڪس هجي ته به اسان جي اک ڪوڙي آهي، پر الله ۽ سندس رسول جو فرمان سچو آهي.
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami