Share this link via
Personality Websites!
479069
9504
ڳالهه رسولِ اڪرم، نورِ مجسم صلَّی اللہُ علیہِ وَ آلِہٖ وَسلَّم پنهنجون مبارڪ آڱريون هڪ ٻئي ۾ وجهي، اشاري سان سمجهائي، پوءِ فرمايائون: الله پاڪ ان تي 70 هزار ازدها (وڏا وڏا نانگ) مقرر فرمائي ڇڏيندو آهي. جيڪڏهن انهن مان ڪو هڪ به زمين کي ڦوڪ هڻي ته قيامت تائين ڪڏهن به ڪا شيءِ زمين تي نه پوکجي سگهي، اُهي ازدها قيامت تائين ان مُردي کي ڏنگيندا رهندا.
راوي چون ٿا: پاڻ صلَّی اللہُ علیہِ وَ آلِہٖ وَسلَّم فرمايو:
اِنَّمَا الْقَبْرُ رَوْضَةٌ مِّنْ رِيَاضِ الْجَنَّةِ اَوْحُفْرَةٌ مِّنْ حُفَرِ النَّار
يعني قبر جنت جي باغن مان هڪ باغ آهي يا جهنم جي کڏن مان هڪ کڏ آهي. ([1])
گناہگار ہوں میں لائقِ جہنَّم ہوں کرم سے بخش دے مجھ کو نہ دے سزا یاربّ!
بُرائیوں پہ پَشَیماں ہوں رَحم فرما دے ہے تیرے قَہر پہ حَاوِی تِری عطا یاربّ! ([2])
الله! الله...! پيارا اسلامي ڀائرو! غور فرمايو! اهو ڪهڙو وقت هوندو ...!! * اڄ جيڪي وڏيون وڏيون ڳالهيون ڪن ٿا * تڪبر ۽ غرور جي نشي ۾ رهن ٿا * جن کي غريب ڏٺا نه ٿا وڃن * جيڪي ٻين جي مذاق اڏائن ٿا، طعنا ڏين ٿا اُهي بظاهر ڪامياب آهن، غور ڪريو! افسوس! اهو وقت ڪهڙو هوندو، جڏهن حضرت مَلَڪُ الموت عَلَيۡهِ السَّلَام تشريف کڻي ايندا * ڪو غريب هجي يا امير * سيٺ هجي يا نوڪر * رئيس هجي يا فقير * ان وقت ڪنهن جو به وَسُ نه هلندو. روح جسم مان ڇڪي ڪڍيو ويندو، آخري هِڏڪي ايندي ۽ هيءَ سموري دنيا اسان جي لاءِ پرائي ٿي چڪي هوندي.
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami