Share this link via
Personality Websites!
479065
9504
اِذَا وَقَعَتِ الْوَاقِعَةُۙ(۱) لَیْسَ لِوَقْعَتِهَا كَاذِبَةٌۘ(۲) خَافِضَةٌ رَّافِعَةٌۙ(۳)
ترجموڪنزالعرفان: جڏهن واقع ٿيڻ واري واقع ٿيندي، (ان وقت) ان جي واقع ٿيڻ ۾ ڪنهن کي انڪار جي گنجائش نه ٿيندي، ڪنهن کي هيٺ ڪرڻ واري، ڪنهن کي بلندي ڏيڻ واري. (پارو: 27، سُورة واقعة: 1-3)
هنن 3 آيتن جون 3 معنائون بيان ڪيون ويون آهن:
پهرين معنيٰ هيءَ آهي ته هنن مبارڪ آيتن ۾ واقعہ مان مراد الله پاڪ جي ازلي حڪم جي غالب اچڻ جو وقت آهي. ([1]) مطلب هي آهي ته: جڏهن الله پاڪ جو ازلي فيصلو غالب ٿي ويندو، تڏهن ڪو به ان کي روڪي نه سگهندو. اهو فيصلو ڪهڙو هوندو؟ فرمايو ويو:
خَافِضَةٌ رَّافِعَةٌۙ(۳)
ترجموڪنزالعرفان: ڪنهن کي هيٺ ڪرڻ واري، ڪنهن کي بلندي ڏيڻ واري.
(پارو: 27، سُورة واقعة: 3)
الله پاڪ جو اهو فيصلو بلنديءَ وارن کي هيٺ ڪرڻ وارو آهي ۽ ڪمزورن کي طاقتور بڻائڻ وارو آهي.
*اهو فرعون...!! اهو ڪمزور ترين ٻانهو...!! اهو به ته انسان ئي هو، پر
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami