Share this link via
Personality Websites!
479064
9504
تي وڃي روڄ، راڙو ڪيائين، بس آسمان ڏانهن نظر کنيائين ۽ چوڻ لڳي: اي الله پاڪ! جيڪڏهن مان هتي موجود نه هُيَس ته تون ته ڏسي رهيو هُئين، اي مالڪِ ڪريم! سڀني بادشاهن جا بادشاهه، هن ظالم بادشاهه منهنجو گهر تباهه ڪري ڇڏيو آهي. بس پوڙهي عورت جي هن فرياد ڪرڻ جي دير هئي، ان ئي وقت زلزلو آيو ۽ بادشاهه جو محل مٽيءَ ۾ ملي ويو. ([1])
اللہُ اکبر! هي آهي الله پاڪ جو فيصلو...!! ماڻهو طاقت ۽ قوت جي نشي ۾، عهدي ۽ منصب جي نشي ۾، مال ۽ دولت جي نشي ۾، رابطن ۽ تعلقات جي نشي ۾ ٻين کي حقير سمجهندا آهن، گهٽ درجي وارو خيال ڪندا آهن، انهن جي مٿان ٽوڪون ڪندا آهن، سندن دل ڏکائيندا آهن، سمجهي رهيا هوندا آهن ته: اسان جو ڪير ڇا بگاڙي سگهندو؟ فرمايو ويو: ياد ڪريو...!! ڊڄو...!! جڏهن الله پاڪ جي پڪڙ اچي ويندي، توهان طاقت لڳائي به ان کي روڪي نه سگهندؤ، ان وقت طاقتور ڪمزور ٿي ويندا، ڪمزور طاقتور ٿي ويندا. تقدير جڏهن غالب ايندي ته بلنديءَ وارا پست ٿي ويندا، ان ڏينهن اسان الله پاڪ جي غضب جا حقدار نه بڻجي وڃون.
فخر و غُرور سے تُو مولیٰ مجھے بچانا
یا ربّ! مجھے بنا دے پیکر تُو عاجزی کا
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! سُورة واقعہ جون صرف پهريون 3 آيتون، انهن جي ڪجهه وضاحت ۽ انهن مان ملڻ وارو سبق اوهان جي سامهون پيش ڪريان ٿو. الله پاڪ فرمايو:
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami