Share this link via
Personality Websites!
479090
9504
معانقو ڪرڻ سنتِ مصطفيٰ آهي. ([1]) *مِرْاٰۃ الْمَنَاجيح ۾ آهي: خوشيءَ ۾ ڪنهن سان ڳلي ملڻ سنت آهي. ([2])پيارا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ڪيترائي ڀيرا صحابهءِ ڪرام رَضِیَ اللهُ عَنْهُم تي شفقت فرمائيندي ساڻن ڳلي ملندا هئا. مثال طور خيبر جي موقعي تي پياري آقا مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم حضرت جعفر طيار رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ کي سيني سان لڳايو ۽ کين پيشانيءَ تي چُمِي ڏنائون. ([3])هڪ دفعي پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم حضرت ابوذر غفاري رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ کي گهرايو ۽ جڏهن اهي حاضر ٿيا ته شفقت فرمائيندي کين سيني سان لڳايائون. ([4])
مختلف سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل ڪتاب بهار شريعت جلد: 3 مان حصو 16 ۽ شيخ طريقت، امير اهل سنت مولانا الياس قادري دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَہ جو 91 صفحن تي مشتمل رسالو 550 سنتون ۽ آداب خريد فرمايو ۽ پڙهو. سنتون سکڻ جو هڪ بهترين ذريعو دعوتِ اسلامي جي قافلن ۾ عاشقانِ رسول سان گڏ سنتن ڀريو سفر ڪرڻ به آهي.
اُلفتِ مصطفےٰ اور خوفِ خدا چاہئے گر تمہیں قافلے میں چلو
گر مدینے کا غم چاہئے چَشمِ نَم لینے یہ نعمتیں قافلے میں چلو([5])
الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق عطا فرمائي.
اٰمِیْنْ بِجَاہِ خاتَمِ النَّبِیّٖن صلَّی اللہُ عَلَیْہ ِوَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami