Share this link via
Personality Websites!
479089
9504
ويندو. هي رسالو پاڻ به پڙهو! ٻين کي به ترغيب ڏياريو ۽ جيڪي سوشل ميڊيا، مثلاً واٽس ايپ وغيره استعمال ڪندا آهن، اُهي رضاءِ الٰهي ۽ ثواب حاصل ڪرڻ خاطر هي رسالو ٻين سان به شيئر(Share) ڪن!
* مكتبةُ المدينه پيش ڪري رهيو آهي؛ محشر جي سخت گرمي ۾ عرشِ اِلٰهي جو سايو(ڇانوَ) ماڻڻ وارن خوشنصيبن جي بيان تي مشتمل زبردست رسالو عرش جو سايو ڪنهن ڪنهن کي ملندو، توهان هي رسالو مكتبةُ المدينه جي ڪنهن به شاخ تان 40 روپين جي بدران اسپيشل ڊسڪائونٽ تي 23 روپين ۾ خريد فرمايو. پاڻ به مطالعو ڪريو! ٻين کي به ان جي دعوت ڏيو!
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي اختتام ڏانهن آڻيندي سنت جي فضيلت ۽ زندگي گذارڻ جا ڪجهه آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪري رهيو آهيان. تاجدارِ رسالت، شهنشاههِ نبوت صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَآلِهِ وَسَلَّم فرمايو: مَنْ اَحَبَّ سُنَّتِي فَقَدْ اَحَبَّنِي وَمَنْ اَحَبَّنِي كَانَ مَعِيَ فِي الْجَنَّةِ جنهن منهنجي سنت سان محبت ڪئي، ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي، اهو جنت ۾ مون سان گڏ هوندو. ([1])
سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا! جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا
فرمانِ آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم: جنهن جو ڪو ڀاءُ هجي ان کي گهرجي ته پنهنجي ڀاءُ سان معانقو ڪري. ([2])
اي عاشقانِ رسول! ڳلي ملڻ يعني ڀاڪُر پائڻ کي معانقو ڪرڻ چوندا آهن([3]) ۽
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami