Share this link via
Personality Websites!
479088
9504
مدني قاعدو (Madani Qaida) موبائل ايپلي ڪيشن
پيارا اسلامي ڀائرو! دعوتِ اسلامي جي آءِ ٽي I.T ڊيپارٽمينٽ هڪ موبائيل ايپلي ڪيشن جاري ڪئي آهي، جنهن جو نالو آهي: مدني قاعدو (Madani Qaida) هن ايپليڪيشن ۾ مڪمل مدني قاعدو ۽ ان جي آڊيو (Audio) شامل ڪئي وئي آهي، يعني هن ايپليڪيشن ۾ توهان مدني قاعدي جي جنهن به حرف يا لفظ تي ڪلڪ ڪندا ته آڊيو ۾ ان جو تلفظ هلندو. ائين هن ايپليڪيشن جي مدد سان آسانيءَ سان مدني قاعدو پڙهي، ان جي مشق ڪري، صحيح مخارج ۽ ضروري تجويد سکي سگهجي ٿي. هيءَ ايپليڪيشن پنهنجي سمارٽ فون ۾ انسٽال ڪري ڇڏيو، پاڻ به فائدو حاصل ڪريو ۽ ٻين کي به ترغيب ڏياريو.
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
* هر ڇنڇر تي اميرِ اهلسنت مولانا محمد الياس قادري دَامَتْ بَرَکاتُهُمُ العالِيه مدني چينل تي لائيو هفتيوار مدني مذاڪرو فرمائيندا آهن. ايندڙ ڇنڇر تي به عشاء جي نماز کان پوءِ (تقريبًا 8:30 منٽ تي) اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! هفتيوار مدني مذاڪرو ٿيندو، جنهن ۾ شيخِ طريقت، امير اهلسنت مولانا الياس عطار قادري دَامَتْ بَرَکاتُهُمُ العالِيه سوالن جا جواب به عنايت فرمائيندا. سڀئي ذميدار ۽ عاشقانِ رسول هن مدني مذاڪري ۾ پاڻ به شرڪت فرمائن ۽ ٻين کي به ان جي دعوت ڏين. * شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنت دَامَتْ بَرَکاتُهُمُ العالِيه يا خليفهءِ امير اهلسنت دَامَتْ بَرَکاتُهُمُ العالِيه هر هفتي هڪ ديني رسالو پڙهڻ جي ترغيب ارشاد فرمائيندا آهن. ايندڙ هفتي جي مدني مذاڪري ۾ رسالي دل بدلڻ واريون 41 ڳالهيون جو اعلان ڪيو
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami