Share this link via
Personality Websites!
479087
9504
جو ثواب ملندو*توهان جي جاڳائڻ سان جيترا ماڻهو نماز پڙهندا، انهن سڀني جي نمازن جو ثواب انهن کي به ملندو ۽ اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! توهان جي اعمال نامي ۾ به لکيو ويندو*صبح صبح پيادل هلڻ جو موقعو ملندو ته صحت سٺي رهندي.
ڪا به مشڪل ناهي، جماعت جي وقت کان 20، 25 منٽ اڳ اٿي پئو! نمازِ فجر لاءِ ته وڃڻو ئي آهي، صدا لڳائيندا هلندا هلو! مسجد به پهچي ويندؤ ۽ الله پاڪ جي فضل سان نيڪيءَ جي دعوت عام ڪرڻ جو ثواب به ملي ويندو. نيت ڪري وٺو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! نمازِ فجر لاءِ جاڳائيندو رهندس. اچو توهان جي ترغيب لاءِ هڪ مدني بهار توهان کي ٻڌايان ٿو.
فَيضانِ مدينه جي لاءِ زمين ملي
هڪ اسلامي ڀاءُ جو بيان آهي: دَعوَتِ اِسلَامي جي ديني قافِلي سان گڏ اسان هڪ شهر ۾ وياسين، فَجِر جي آذان کان پوءِ فجر نماز لاءِ جاڳائيندي وڃي رهيا هئا ته اوچتو هڪ گھر مان هڪ ماڊرن نوجوان انهن سان اچي شامِل ٿيو ۽ ان فَجر جي نَماز مَسجِد ۾ باجَمَاعَت ادا ڪئي۔ بعد ۾ ان نوجوان جو والِد ديني قافِلي وارن عاشِقانِ رسول سان ملڻ آيو۔ جيڪو هڪ مالدار شخص هو۔ اُن اچي ٻڌايو ته نمازِفجر ۾ جاڳائڻ جي بَرَڪت سان ان جو نافرمان ماڊرن (Modern) بي نَمازي پٽ پَنج وَقته نَماز پڙھڻ لڳو آهي۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ ان ماڊرن نوجوان جي والِد متاثر ٿي ڪري ان شهر ۾ مَدَني مَرڪز فَيضانِ مدينه جي لاءِ زمين ڏئي ڇڏي۔
تِرا شکر مولا دیا دینی ماحول نہ چھوٹے کبھی بھی خدا دینی ماحول
یقینا مقدر کا وہ ہے سکندر جسے خیرسے مل گیا دینی ماحول
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami