Share this link via
Personality Websites!
479086
9504
ڏانهن رجوع نه ٿا ڪريون. ڪاش! اسان ۾ قرآن ڪريم پڙهڻ، سمجهڻ، سکڻ ۽ ڪثرت سان ان جي تلاوت ڪرڻ جو شوق پيدا ٿي وڃي. نيت ڪريو ته وڌيڪ نه ته گهٽ ۾ گهٽ سُورت واقعہ مان ڪجهه نه ڪجهه، ترجمهءِ ڪنزالايمان سان، آسان ترجمو ڪنزالعرفان سان، تفسير صِراطُ الجنان، نُورُ الْعِرْفان ۽ خَزائنُ الْعِرفان سان گڏ پڙهڻ ۽ سمجهڻ جي ڪوشش ڪنداسين. الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق نصيب فرمائي.
اٰمِیْنْ بِجَاہِ خاتَمِ النَّبِیّٖن صلَّی اللہُ عَلَیْہ ِوَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ
12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: فجر لاءِ جاڳائڻ
پيارا اسلامي ڀائرو! بااخلاق مؤمن بڻجڻ، خوفِ خدا ۽ عشقِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ حاصل ڪرڻ لاءِ دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو! 12 ديني ڪمن ۾ وڌي ڪري حصو وٺو، 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: فجر لاءِ جاڳائڻ به آهي.
نمازِ فجر لاءِ جاڳائڻ سُنّتِ مصطفيٰ آهي؛*الله پاڪ جا آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ فجر لاءِ ويندي سُتلن کي جاڳائيندا هئا([1])*مسلمانن جي ٻئي خليفي حضرت عمر فاروقِ اعظم رضي الله عنه جو به اهو ئي انداز هو ([2]) ۽*مسلمانن جي چوٿين خليفي حضرت علي المرتضيٰ رضي الله عنه به هن پياري پياري سنت تي عمل ڪندڙ هئا. ([3])
توهان به هيءَ سُنّت اپنايو! نمازِ فجر لاءِ جاڳائيندا ڪريو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! تمام گهڻيون برڪتون ملنديون*ٻين کي جاڳائيندؤ ته توهان کي به نمازِ فجر باجماعت پڙهڻ جي سعادت ملندي*صبح صبح نيڪيءَ جي دعوت عام ڪرڻ
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami