Share this link via
Personality Websites!
479063
9504
ته ! * الله جي رضا جي لاءِ بيان ٻڌندس * بااَدَب ويهندس* خوب توجهه سان بيان ٻڌندس * جيڪو ٻڌندس ان کي ياد رکڻ، پاڻ عمل ڪرڻ ۽ ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس.
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! سورة الواقعه 27 هين سيپاري جي سورت آهي، هن ۾ 3 رڪوع ۽ 96 آيتون آهن. هن سورت ۾ الله پاڪ قيامت ۽ قيامت جي احوالن کي بيان ڪيو آهي، اڄ اسان هن سورت جي پهرين ٽن آيتن متعلق ٻڌنداسين جن ۾ الله پاڪ قيامت جو شروعاتي حال ۽ ان ڏينهن جي ڪيفيت کي بيان ڪيو آهي. ان کان اڳ مان توهان کي هڪ واقعو ٻڌايان ٿو؛
هڪ واقعو ڪتابن ۾ لکيل آهي: هڪ بادشاهه هو، وڏي عزت رکندو هو، سندس وڏي سلطنت هئي، نوڪر چاڪر، فوج، خزانا سڀ ڪجهه اُن وٽ موجود هو. اتفاق اهڙو ٿيو جو بادشاهه جي محل جي سامهون ئي هڪ پوڙهي عورت جي ننڍڙي جھوپڙي هئي. اها جاءِ ان پوڙهي عورت جي ملڪيت هئي. ظاهر آهي ته عاليشان محل جي بلڪل ويجهو ننڍڙي جھوپڙي خراب لڳي رهي هئي، محل جي شان ۽ شوڪت ۾ فرق پئجي رهيو هو. بادشاهه پوڙهي عورت کي چيو ته پنهنجي هيءَ زمين مون کي وڪرو ڪري ڏئي. پر پوڙهي عورت نه مڃيو. هڪ ڏينهن ائين ٿيو جو پوڙهي عورت ڪنهن ڪم سان جهنگ جي طرف وئي هئي ته بادشاهه سپاهي موڪلي، ان جي جھوپڙي تباهه ڪرائي ڇڏي.
پوڙهي عورت واپس آئي ته پنهنجو گهر ڪِريل ڏٺائين. هاڻي پوڙهي عورت ڪجهه به نه ڪيو، نه بادشاهه کي گاريون ڏنائين ۽ نه ئي ڪنهن جي دروازي
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami