Share this link via
Personality Websites!
479080
9504
وڃي، گناهه ته آخر گناهه ئي آهي. الله پاڪ پنهنجي نافرماني ڪرڻ وارن ٻانهن تي سخت غضب فرمائيندو آهي. غور فرمايو! هي اهي ماڻهو هئا، جيڪي ظاهري طور ته نيڪ هئا، پر لِڪي گناهه ڪندا هئا ۽ هڪ اسان آهيون، جيڪي سڀني جي سامهون گناهه ڪري رهيا آهيون ۽ ٿورو به نه ٿا شرمايون، اسان جو ڇا ٿيندو؟ افسوس! ٿورو سوچيو ته سهي! جيڪڏهن ائين ئي گناهه ڪندا ڪندا قبر ۾ لهي وياسين ۽ اسان تي عذاب مُسلط ڪيو ويو ته اسان ڇا ڪنداسين؟ جيڪڏهن نانگن ۽ وِڇُن ڪفن ڦاڙي اسان جي جسم تي قبضو ڪري ورتو ته ڪيڏانهن وينداسين؟ قبر جون ڀتيون پاڻ ۾ ملڻ سبب اسان جون پاسيريون ٽٽي ڪري هڪ ٻئي ۾ پيوست ٿي ويون ته ڪيتري نه شديد تڪليف ٿيندي؟ هڪ پٿر جي چَـوٽ ته برداشت نه ٿي ٿئي، جيڪڏهن فرشتن هٿوڙا (Hammers) هڻڻ شروع ڪري ڇڏيا ته اسان جي نازڪ هڏين (Bones) جو ڇا ٿيندو؟
صحابيءِ رسول حضرت عبدالله بن عباس رَضِیَ اللهُ عنہما فرمائن ٿا: اي گنهگار! تون گناهه جي بُري انجام کان ڇو بي خوف (Fearless) آهين؟ جڏهن ته گناهه جي طلب ۾ رهڻ، گناهه ڪرڻ کان به وڏو گناهه آهي* تنهنجو ساڄي ۽ کاٻي پاسي وارن فرشتن کان حياءُ نه ڪرڻ ۽ گناهه تي قائم رهڻ به تمام وڏو گناهه آهي، يعني توبهه ڪرڻ کان سواءِ تنهنجو گناهه تي قائم رهڻ ان کان به وڏو گناهه آهي * تنهنجو گناهه ڪرڻ تي خوش ٿيڻ ۽ ٽهڪ ڏيڻ ان کان به وڏو گناهه آهي، جيتوڻيڪ تون نه ٿو ڄاڻين ته الله پاڪ توسان ڪهڙو سلوڪ فرمائڻ وارو آهي؟ * ۽ تنهنجو گناهه ۾ ناڪاميءَ تي غمگين ٿيڻ، ان کان به وڏو گناهه آهي. گناهه ڪندي تيز هوا سان دروازي جو پردو مٿي کڄي وڃي ته تون ڊڄي ويندو آهين، پر الله پاڪ جي ان نظر کان نه ٿو ڊڄين، جيڪا هن جي
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami