Share this link via
Personality Websites!
479079
9504
اللہُ اکبر! پيارا اسلامي ڀائرو! غور ڪريو! اُها ڪيڏي نه رسوائيءَ جي گهڙي هوندي، حضرت آدم عليه السَّلام کان وٺي قيامت تائين اچڻ وارا سڀ ماڻهو موجود هوندا، اڄ جيڪي اسان کي حاجي صاحب چئي ادب سان سڏي رهيا آهن، جيڪي پري کان ڏسي سل ام ڪرڻ لاءِ ڊوڙندا ايندا آهن، جيڪي هٿ چمندا آهن، گهٽيءَ مان گذرندو ڏسن ته چانهه جي صلاح ڪندا آهن، جيڪي اسان جي عزت خاطر شين جون قيمتون گهٽ لڳائيندا آهن، اُهي جيڪي برڪت لاءِ اسان کان دعائون ڪرائيندا آهن، اهي سڀئي موجود هوندا.
۽ زمين به سِڌِي هوندي، اهڙي سِڌِي جو هڪ ڪنڊ تي هڪ داڻو رکيو وڃي ته ٻي ڪنڊ کان صاف نظر ايندو. يعني سڀئي موجود ۽ زمين به بلڪل سِڌِي، لِڪَڻ جو ڪو سوال ئي پيدا نه ٿيندو، اهڙي حالت ۾* جيڪڏهن اسان جي بُرائيءَ جو جهنڊو کوڙيو ويو * اعلان ڪيو ويو ته هي ٻين کي ڌوڪو ڏيندو هو * هي لڪي گناهه ڪندو هو * هي راتين جو سڀني کان لڪي موبائل تي گندا منظر ڏسندو هو * هي ظاهري طور نيڪ هو، پر اڪيلائيءَ ۾ گناهه ڪندو هو. اي عاشقانِ رسول! سوچيو! خوب سوچيو! ان وقت اسان جي شرمندگيءَ جو عالَم ڇا هوندو...؟
چُھپ کے لوگوں سے کیے جس کے گناہ وہ خبردار ہے کیا ہونا ہے
ارے او مجرِم بے پروا دیکھ سر پہ تلوار ہے کیا ہونا ہے
کام زِنْداں کے کیے اور ہمیں شوقِ گلزار ہے کیا ہونا ہے([1])
پيارا اسلامي ڀائرو! گناهه توڙي لِڪي ڪيو وڃي يا ماڻهن جي سامهون ڪيو
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami